بريڪنگ نيوز

ڊاڪٽر فوزيه صديقي جي وزيراعظم سان ملاقات، اعظم نذير تارڙ جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي.جنهن ۾ وزيراعظم ڊاڪٽر فوزيه صديقي کي يقين ڏياريو آهي، ته حڪومت ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڪيس ۾ هر ممڪن قانوني مدد فراهم ڪندي رهندي.هن معاملي وزيراعظم نه رڳو اڳوڻي آمريڪي صدر جوبائيڊن کي خط لکيو آهي، پر وزيراعظم هن ڪيس ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ڪرڻ لاءِ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ جي صدارت ۾ هڪ ڪميٽي به پڻ جوڙي وئي آهي.ان معاملي ۾ ڪميٽي ڊاڪٽر فوزيه صديقي سان رابطي ۾ رهندي ۽ گهربل هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي.ياد رهي ته حڪومت اڳ ۾ وزيراعظم جي هدايتن تي ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڪيس ۾ سفارتي ۽ قانوني مدد فراهم ڪري چڪي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر عافيه صديقي جي معاملي تي حڪومت پاران هر ممڪن قانوني ۽ سفارتي مدد فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريندي قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ڊاڪٽر عافيه صديقي جي معاملي ۾ ڪنهن به طور تي غافل نه آهي، حڪومت پاران اڳ ۾ به ڊاڪٽر عافيه صديقي جي معاملي ۾ سفارتي ۽ قانوني مدد فراهم ٿيندي رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر فوزيه صديقي کي ڊاڪٽر عافيه صديقي جي معاملي ۾ اڃا به حڪومت پاران هر ممڪن قانوني ۽ سفارتي مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم ان معاملي ۾ وڌيڪ اڳڀرائي جي لاءِ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت ۾ هڪ ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي، ڪميٽي ڊاڪٽر فوزيه صديقي سان ان حوالي سان رابطي ۾ رهندي ۽ گهربل ممڪن مدد جي لاءِ ڪم ڪندي. واضح رهي ته وزيراعظم اڳ ۾ به ان وقت جي آمريڪا جي صدر جو بائيڊن کي ڊاڪٽر عافيه صديقي جي حوالي سان خط لکيو هو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے