بريڪنگ نيوز

ڊاڪٽر عافيه صديقي ڪيس ۾ وزيراعظم ۽ ڪابينا کي توهينِ عدالت جو شوڪاز نوٽيس جاري

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آمريڪي جيل ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي، صحت ۽ وطن واپسي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ۾ وفاقي حڪومت طرفان جواب جمع نه ڪرائڻ تي وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا کي توهينِ عدالت جو شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان، ڊاڪٽر عافيه صديقي ڪيس ۾ حڪومت پاران رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي نوٽيس جاري ڪيو.عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته عدالتي موڪلون ختم ٿيڻ کانپوءِ پهرئين ورڪنگ ڊي تي ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي ٿيندي.جسٽس سردار اعجاز اسحاق ڊاڪٽر عافيه صديقي جي وطن واپسي ۽ آمريڪا ۾ هلندڙ ڪيس ۾ وفاقي حڪومت کي ڌر بڻائڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.گذريل ٻڌڻي دوران عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کي چيو هو ته وفاقي حڪومت کان انهن سبب جو لکت جواب آڻيو ته انهن ڪهڙي بنياد تي ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آمريڪي عدالت ۾ هلندڙ ڪيس ۾ ڌر يا عدالتي مددگار بڻجڻ کان انڪار ڪيو.ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌڻي دوران موقف اختيار ڪيو هو ته کيس وفاقي حڪومت طرفان هدايتون مليون آهن ته حڪومت پاڪستان عافيه صديقي خلاف آمريڪي عدالت ۾ هلندڙ ڪيس ۾ نه ڌر بڻجڻ چاهي ٿي ۽ نه ئي عدالتي مددگار طور پيش ٿيڻ چاهي ٿي.ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز اسحاق خان چيو ته حڪومت سندن فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي.هن چيو ” منهنجون موڪلون اڄ کان شروع ٿيڻيون هيون پر ڇاڪاڻ ته ڪاز لسٽ جاري نه ٿي هئي، تنهنڪري عافيه صديقي سان لاڳاپيل درخواست ۽ ٻيا ڪيس اڄ لاءِ مقرر ڪيا هئا.“جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان چيو ته پنهنجي پرسنل سيڪريٽري کي چيو ته چيف جسٽس سان رابطو ڪري پر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ان حوالي سان 30 سيڪنڊ لاءِ به دستياب نه هو.هن چيو ته ماضي ۾ مخصوص ڪيسن لاءِ ججن جو روسٽر استعمال ٿي چڪو آهي.سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن عافيه صديقي بابت ڪا درخواست سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي تڏهن به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي حڪومت کان جيڪو جواب طلب ڪيو ويو هو، اهو جواب ته جمع ڪرائي.درخواست گذار عافيه صديقي جي ڀيڻ فوزيه صديقي جي وڪيل عمران شفيق چيو ته جيڪڏهن حڪومت ان حوالي سان عدالتي حڪم تي ڪو اسٽي وٺڻ چاهي ها ته هاڻي بئنچ به ٺهي وڃي ها.جسٽس سردار اعجاز اسحاق رمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر انتظامي اختيار کي عدالتي اختيار لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي ۽ مان انصاف جي شڪست نه ٿيڻ ڏيندس ۽ هاءِ ڪورٽ جي عزت بحال رکڻ لاءِ پنهنجو جڊيشل پاور استعمال ڪندس.عدالت وفاقي ڪابينا جي هر رڪن کي توهينِ عدالت ۾ ”سبب ڄاڻايو “ نوٽيس جاري ڪندي چيو ته عدالتي موڪلون ختم ٿيڻ کانپوءِ پهرئين ورڪنگ ڊي تي هن درخواست جي ٻڌڻي ٿيندي.ٻئي پاسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس مقرر ڪرڻ ۽ ڪاز لسٽ جاري نه ٿيڻ بابت نئون معاملو سامهون آيو آهي ۽ گذريل ڏينهن جاري ٿيل ججن جي ڊيوٽي روسٽر ۾ جسٽس سردار اعجاز اسحاق جو نالو شامل نه هو.درخواست گذار جي وڪيل عمران شفيق چيو ته وفاقي حڪومت اپيل ان ڪري نه لڳرائي آهي، ڇو ته اهي سپريم ڪورٽ ۾ به پنهنجي مرضي جي بئنچ جو انتظار ڪري رهيا آهن، في الحال جسٽس منصور جو بئنچ ٻڌڻي ڪري رهيو آهي.جسٽس سردار اعجاز اسحاق رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اڄ شوڪاز نوٽيس جاري ڪندس ته حڪومت چوندي ته روسٽر نه هئڻ باوجود ڪارروائي ڪئي، جنهن تي درخواست گذار جي وڪيل چيو ته گذريل ٻڌڻي تي عدالت جي عدالتي حڪم کانپوءِ روسٽر جي ضرورت باقي نٿي رهي، قانون اوهان کي ٻڌڻي کان نٿو روڪي.هن چيو ته چيف جسٽس وٽ اهڙو ڪو انتظامي اختيار ناهي جنهن تحت هاءِ ڪورٽ جي جج جي عدالتي حڪم کي غير اثرائتو ڪري سگهجي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے