چلاس: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) گلگت بلرستان ۾ ڪلائوڊ برسٽ تباهي مچائي ڇڏي، بابوسر ٽاپ جي ڀرسان شديد لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ سبب گاڏيون ۽ پل لڙهي ويا، رابطه روڊ ۽ مواصلاتي نظام تباهه ٿي ويا، 3 ڄڻن جا لاش ملي ويا، ڪيترائي سياح گم آهن، ضلعي انتظاميه ديامر ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي.ڊي سي ديامر عطاءُالرحمان ٻڌايو ته فوت ٿي ويلن مان 2 ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي هڪ فيملي جو 3 سالن جو ٻار اڃان تائين گم آهي، سياحن جي ڳولا لاءِ کوجي کتن کان به مدد ورتي پئي وڃي، جڏهن ته گلگت بلتستان اسڪائوٽس وڌيڪ 3 عورتون سياحن کي ريسڪيو ڪري محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو آهي.ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ٻوڏ متاثر علائقي ۾ مشينري پهچائي رهيا آهيون، ڪجهه علائقن ۾ مشينري پهچي چڪي آهي، زخمين کي ايمبولينس جي ذريعي آر ايڇ ڪيو منتقل ڪري چڪا آهيون، انهي حوالي سان گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان فيض الله فراق ٻڌايو ته شاهراهه بابو سر ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.ترجمان ٻڌايو ته ٻوڏ سبب گرلز اسڪول، 2 هوٽل، پوليس چوڪي، پوليس شيلٽر ۽ شاهراهه بابو سر کان ڀرپاسي جا 50 کان وڌيڪ گهر مڪمل طور تي تباهه ٿيا، 9 ڪلو ميٽر روڊ سخت متاثر ۽ 15 هنڌن تي روڊ بلاڪ آهن جڏهن ته شاهراهه بابوسر تي 4 رابطه پل به تباهه ٿيا آهن.گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان موجب سوين ڦاٿل سياحن کي چلاس شهر منتقل ڪرڻ جو عمل جاري آهي، هينئر تائين 200 کان وڌيڪ سياحن کي ريسڪيو ڪري چلاس پهچايو ويو آهي، بابوسر ۾ مواصلاتي نظام نه هجڻ سبب سياحن جو رابطو گهرن سان ڪاٽا آهي پر چلاس جي هوٽلز ۽ گيسٽ هائوس مسافرن ۽ سياحن لاءِ مفت کوليا ويا آهن.ڊي سي ديامر عطاءُالرحمان چيو ته سياحتي هنڌ بابو سر ٽاپ تي جل کان ديونگ جي وچ ۾ ڪڪڙ ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ 7 کان 8 ڪلو ميٽر جي علائقي کي سخت متاثر ڪيو. قدرتي آفت سبب روڊ تي 15 وڏن هنڌن تي رڪاوٽون پيدا ٿي ويون جنهن سبب ٽريفڪ مڪمل طور تي معطل ٿي وئي.هن چيو ته چلاس جي علائقي شاهراهه تهڪ بابوسر ۾ ٻوڏ وهڪرن ۾ سياحن جون 8 گاڏيون لڙهي ويون، قدرتي آفت سبب بجلي ۽ فائبر آپٽڪ لائن متاثر ٿي جنهن سبب رابطن ۾ پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو آهي، ناران کان به بابوسر روڊ کي کولڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.ٻئي طرف ترجمان اين ڊي ايم اي موجب بابو سر ٽاپ روڊ مڪمل طور تي بند آهي جڏهن ته قراقرم هاءِ وي لال پهاڙي ۽ تتها پاني جي هنڌ تي 10 کان 15 گاڏيون نالن ۽ لينڊ سلائيڊنگ وارن علائقن ۾ ڦاٿل آهن تهڪ نالي ۾ 4 ڄڻا لڙهي ويا جن مان 2 جا لاش ۽ 2 کي حفاظت سان ڪڍيو ويو جڏهن ته گم ٿي ويل ماڻهن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي، پاڪ فوج به آپريشن ۾ حصو وٺي رهي آهي.هوڏاهن وادي نيلم ۾ به ڪلائوڊ برسٽ تباهي مچائي ڇڏي، مدين ۾ گهر لينڊ سلائيڊنگ سبب تباهه ٿي ويا، ملبي هيٺيان دٻجي 3 ٻار فوت جڏهن ته ماءُ زخمي آهي، جڏهن ته سوات ۾ 2 ٻار برساتي نالي ۾ لڙهي فوت ٿي ويا.
