ڪوئٽه: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان ۾ قتل ٿيل ماڻهن جي وچ ۾ ڪوبه ازدواجي رشتو نه هو، ٻئي پهريان کان شادي شده هئا ۽ انهن جا ٻار به آهن.بلوچستان جي وڏي وزير هڪ پريس ڪانفرنس جي دوران بلوچستان ۾ پيش آيل واقعي جي باري ۾ ٻڌايو ته واقعي ۾ جيڪي به جوابدار ملوث آهن انهن کي گرفتار ڪري ڪارروائي ڪئي ويندي.هن چيو ته اهو واقعو سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو وائرل ٿي رهيو آهي ماڻهو انهن جي اصل حقيقت ڄاڻڻ چاهين ٿا. سوشل ميڊيا تي اهڙيون خبرون هلي رهيون آهن ته مقتول نئون شادي شده جوڙو هو، پر اسان سڀني تي ظاهر ڪرڻ چاهيون ٿا ته ٻنهي جو پاڻ ۾ ڪوبه ازدواجي رشتو نه هو واقعي ۾ جنهن عورت جو قتل ٿيو انهي جا پنج ٻار آهن ۽ انهي جي مڙس جو نالو نور آهي، جڏهن ته مقتول مرد به پهريان کان شادي شده هو، انهي جا به 6 ٻار آهن.وڏي وزير موجب ٻنهي کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي، نه معاشرو انهي جي اجازت ڏئي ٿو نه ئي حڪومت، حڪومت جوابدارن سان ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪندي. صحافين جي سوالن جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته واقعي جي خلاف ڪارروائي شروع ٿي چڪي آهي. علائقي جي اسپيشل برانچ جي ڊي ايس پي کي معطل ڪيو ويو آهي ڇو ته انهي کي حڪومت کي وقت تي اطلاع ڏيڻ گهرجي ها.هن وڌيڪ ٻڌايو ته انهي ڪيس جي سڀني کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته ڪوبه شخص ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. مقتولين جا والدين ۽ ٻار موجود آهن، پراڃان تائين ڪابه ايف آءِ آر داخل ناهي ٿي، پوليس جڏهن جاچ جي لاءِ ويندي آهي ته مرد علائقي مان غائب ٿي چڪا هوندا آهن. جڏهن ته عورتون گهرن کان ٻاهر نڪري پوليس تي پٿراءُ ڪنديون آهن.سرفراز بگٽي موجب اها وڊيو ڪنهن ٻاهر کان حاصل ناهي ڪئي، پر اها قاتلن جي مهرباني آهي ته انهن پاڻ اها پوسٽ ڪئي. حڪومت انهي معاملي جي مڪمل جاچ ڪري رهي آهي، جلد ئي قاتلن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته اڄ جو دور سوشل ميڊيا جو آهي، جتي تحقيق کان سواءِ خبرون پکڙجي وينديون آهن منهنجي خيال ۾ ڪنهن به خبر کي ڄاڻڻ کان پوءِ انهي جي تحقيق ضرور ڪرڻ گهرجي.وڏي وزير وڌيڪ چيو ته انهي ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اسان اهڙي معاشري جو حصو آهيون جتي اڄ به جرگه سسٽم قائم آهي ڪٿي نه ڪٿي اسان سڀ انهي نظام جي اثر ۾ اچي رهيا آهيون پر حڪومت آئين جي اندر رهندي اهڙن جرڳن جي خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي.بلوچستان ۾ امن امان بابت سوالن جو جواب ڏيندي هن ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز گذريل ڏينهن هڪ ڪارروائي جي دوران 10 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو دهشتگرد بلوچستان ۾ سافٽ ٽارگيٽ ڳولا ڪندا آهن ڪجهه دير جي لاءِ ايندا آهن ۽ ڪارروائي کان پوءِ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر اسان جي فورسز انهن جو بهتر طريقي سان مقابلو ڪري رهي آهي.هن چيو ته دهشتگردي بابت ڪجهه حلقن طرفان جيڪا تصوير ڪشي ڪئي پئي وڃي اها حقيقت جي ابتڙ آهي، صورتحال بهتر طرف وڃي رهي آهي، عوام کي ڊڄڻ جي ضرورت ناهي، هن اهو ارادو ظاهر ڪيو ته دهشتگردن کي هر صورت ۾ شڪست ڏني ويندي ۽ بلوچستان ۾ امن قائم ٿي رهندو.
DailyWaka Sindhi News Papers