بريڪنگ نيوز

انفارميشن گروپ جا آفيسر ملڪ جي نظرياتي سرحدن جا اولين محافظ آهن: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته انفارميشن گروپ جا آفيسر ملڪ جي نظرياتي سرحدن جا اولين محافظ آهن، جيڪي نه رڳو حڪومتي معاملن جي موثر ترجماني ڪن ٿا پر عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تاثر اجاگر ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ 41هين اسپيشلائيزڊ ٽريننگ پروگرام جي پاسنگ  آئوٽ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پروبيشنز سان ملاقات فخر جوڳي آهي، انهن نوجوان آفيسرن سان قومي خدمت جون نيون اميدون واڳيل آهن. هن چيو ته انفارميشن گروپ هر دور ۾ ملڪ جي ترقي، نظرياتي سرحدن جي تحفظ ۽ قومي بيانيو جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته تازي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ پاڪستان کي واضح برتري حاصل ٿي، ان فتح ۾ انفارميشن گروپ ۽ اطلاعات واري وزارت جي ڪردار تي به فخر آهي. هن چيو ته جنگ جو پهريون محاذ انفارميشن جو محاذ هو ۽ ان کي اسان چئلينج سمجهي قبول ڪيو، انفارميشن گروپ ۽ اطلاعات واري وزارت بيانيي جي محاذ تي شاندار ڪردار ادا ڪيو جنهن کي اعليٰ سطح تي ساراهيو ويو. هن چيو ته انفارميشن جي شعبي ۾ هفتي جا 7 ڏينهن ۽ ڏينهن رات جي ڪا به قيد نه آهي، اها هڪ مسلسل ذميواري آهي، جنهن کي قومي فرض سمجهي ادا ڪرڻو پوي ٿو. وفاقي وزير چيو ته اطلاعات واري وزارت جي مختلف ادارن ۾ اسان سڌارا ۽ جدت آندي آهي ته جيئن تبديل ٿيندڙ گهرجن موجب انهن کي آڻي سگهجي. هن چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا ونگ کي ڊيجيٽل ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اطلاعات هڪ اهڙو شعبو آهي جنهن ۾ زندگي جي سمورن شعبن ۽ سمورن مملڪي معاملن ۾ اسان کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي اميد ڪئي وڃي ٿي، اسان جا آفيسر سڄي دنيا ۾ مقرر آهن، اسان جا آفيسر هر وزارت ۽ ڊويزن ۾ موجود آهن، اهي پاڪستان جي لاءِ بهترين خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ڪاميابي گڏجي ۽ هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ سان ملي ٿي. وفاقي وزير چيو ته اسان کي پاڻ کي ڊيجيٽل ميڊيا جي دور ۾ آڻڻ، روايتي ميڊيا کان ميڊيا جي هڪ نئين رخ طرف تمام وڏي تبديلي ڏٺي آهي. هتي موجود سينيئر آفيسر ڊيجيٽل ميڊيا طرف وڌي، هي اها تبديلي آهي جنهن کي سينيئرز وقت کان سکيو، ان لاءِ توهان جي ۽ توهان جي سينيئرز جي وچ ۾ زبردست تعلق هجڻ گهرجي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته سخت تربيتي عمل مان گذرڻ کانپوءِ انفارميشن آفيسرن کي تمام گهڻو ڪجهه عملي ڪم ڪري سکڻو آهي. اهو ڊيجيٽل دور پاڻ سان گڏ نوان چئلينجز پڻ کڻي آيو آهي، اسان جي مين اسٽريم ميڊيا، پرنٽ ميڊيا کان هڪ منظم تبديلي واري عمل مان گذرندي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ تبديل ٿي، جڏهن پاڪستان ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا چينل متعارف ڪرايا ويا ۽ انهن کي وسيع ميڊيا جي نئين ذريعي جي طور تي ڏٺو پئي ويو، اهو هڪ اهڙو ارتقائي عمل هو جيڪو پاڻ سان گڏ هڪ پوري ترڪيب کڻي هليو جنهن ۾ ڪانٽينٽ ڪنٽرول، ايڊيٽوريل بورڊز، ايڊيٽوريل پاليسي ۽ مخصوص ڪوڊز آف ڪنڊڪٽ شامل آهن. هن چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا ڪنهن پراڻي اداري يا پراڻي طريقيڪار سان ارتقا پذير نه ٿي. ڊيجيٽل ميڊيا جون پنهنجون ڪجهه خصوصيتون آهن ڇو ته هي هڪ اهڙو وجود آهي جيڪو پاڻ وڌيو ويجهيو، اهو پاڻ سان گڏ ڪيترائي چئلينجز به پڻ رکي ٿو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته جديد دور جي انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ توهان ماڻهن کان تمام گهڻيون اميدون واڳيل هونديون. هن عالمي اقتصادي فورم جو حوالو ڏيندي چيو ته جڏهن عالمي اقتصادي فورم ۾ عالمي اڳواڻن کان پڇيو ويو ته اسان جي دور جو سڀ کان وڏو خطرو ڪهڙو آهي ته انهن ائٽمي جنگ ۽ ماحولياتي تبديلي کي سڀ کان وڏو خطرو قرار نه ڏنو پر انهن چيو ته اسان جي دور جو سڀ کان وڏو چئلينج فيڪ نيوز، پروپئگنڊه ۽ غلط معلومات آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انفارميشن سروس ۾ گنمام هيروز جي هڪ ڊگهي فهرست آهي جن ملڪ جي لاءِ حيرت انگيز ڪارناما سرانجام ڏنا. تازو ئي اسان هڪ اهڙو سلسلو شروع ڪيو آهي جنهن جي ذريعي انهن گنمام هيروز جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو جن پنهنجي زندگي جا ڪيترائي ڏهاڪا پاڪستان جي خدمت لاءِ وقف ڪيا. هن چيو ته انفارميشن گروپ جي آفيسرن جي ڪيريئر جو اهو شروعاتي مرحلو انتهائي اهم آهي، دعاڳو آهيان ته توهان نه رڳو ان شعبي ۾ پر ملڪ جي لاءِ پڻ اهڙيون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيو جهڙيون توهان جي سينيئرز حاصل ڪيون. هن چيو ته گذريل سالن دوران انفارميشن گروپ جي آفيسرن جو ڪردار مسلسل وسعت اختيار ڪندو پيو وڃي. توهان مان تمام گهڻيون اميدون واڳيل آهن. توهان اها مشعل پڪڙي آهي جيڪا توهان جي سينيئرز توهان جي حوالي ڪئي آهي. پنهنجي لاءِ، پنهنجي اداري ۽ پنهنجي ملڪ جي لاءِ نيڪ نامي جو سبب بڻجو ڇو ته پاڪستان جا نظرياتي محافظ هجڻ جي حيثيت سان توهان جي مٿان هڪ عظيم ذميواري آهي. ان ذميواري کي فخر سان نڀايو ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪريو. ڪيترن ئي ماڻهن کي اهو موقعو ناهي ملندو، ان لاءِ توهان پاڻ کي خوشنصيب تصور ڪريو ته الله تعاليٰ توهان کي اهو عظيم فرض ڏنو آهي. وفاقي وزير تقريب جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے