بريڪنگ نيوز

مراد علي شاهه جي مير فيصل جمالي سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلوچستان جي لائيو اسٽاڪ واري وزير سردارزاده مير فيصل جمالي سان وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي صوبن ۾ لائيو اسٽاڪ جي واڌاري لاءِ تعاون وڌائڻ ۽ چوپائي مال جي بهتر نسلن جي ڏي وٺ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران سنڌ جي فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ واري وزير محمد علي ملڪاڻي پڻ موجود هو. ان شراڪتداري تحت جيڪب آباد ۾ چپائي مال جي نمائش ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه پاڻ شرڪت ڪندو ۽ بلوچستان جي وڏي وزير کي به دعوت ڏيندو. مراد علي شاهه ٻنهي صوبن جي لائيو اسٽاڪ کاتن ۾ گڏيل تحقيقي ڪوششن تي زور ڏنو ۽ سنڌ جي ٿري گابي، ريڊ سنڌي، ڪنڊي مينھن، ڪوهستاني اٺ ۽ مختلف نسلن جون ٻڪريون نمايان ڪيون جڏهن ته بلوچستان جي مشهور نسلن جهڙوڪ رکلي گابي، ڀاگني ڳئون ۽ ڪوچي اٺن کي پڻ متعارف ڪرائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو ته جيئن ٻنهي صوبن جا مال پالڻ وارا ۽ واپاري مستفيد ٿي سگهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے