بريڪنگ نيوز

چوماسي برساتن چوٿون طاقتور اسپيل آهي ۽ اهو 25 جولاءِ تائين جاري رهندو

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ اڄ چوماسي جي برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. پي ڊي ايم اي پنجاب جي ترجمان موجب، صوبي جي اڪثر ضلعن ۾ اڄ چوماسي برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته هي چوماسي برساتن چوٿون طاقتور اسپيل آهي ۽ اهو 25 جولاءِ تائين جاري رهندو. راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، منڊي بهاءُالدين، حافظ آباد، گجرات، جهلم ۽ گوجرانوالا ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ترجمان موجب، لاهور، فيصل آباد، سيالڪوٽ، نارووال، ٽوبا ٽيڪ سنگھه، جھنگ، سرگوڌا، ميانوالي، ڊيرا غازي خان، بهاولپور، بهاولنگر ۽ ملتان ۾ ڪڪر وسڻ جو امڪان آهي. ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان علي جو چوڻ آهي ته درياهن جي مٿاهين علائقن ۾ برساتن سبب پاڻي جي وهڪرن ۾ اضافي جو خدشو آهي، درياهن ۽ ندين ۾ چاڙهه جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته راوي، جهلم، ستلج ۽ چناب درياهه جي وهڪرن واڌ جو خدشو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے