بريڪنگ نيوز

پي ٽي آءِ باني جا پٽ سياسي منظر نامي ۾ اچن ٿا ته صورتحال مختلف ٿي سگهي ٿي: فواد چوڌري

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مستقبل جي سياست پي ٽي آءِ باني عمران خان سان جڙيل آهي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ وڌيڪ سياسي پارٽين جي گنجائش نه آهي، جيڪا به نئين پارٽي بڻجندي اها ريحام خان جي پارٽي جهڙي حيثيت رکندي هن واضح ڪيو ته مستقبل جي سياست باني پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) سان جڙيل آهي اصل مسئلو انهي جي آزادي آهي، هن الزام لڳائيندي چيو ته موجوده پي ٽي آءِ قيادت باني کي جيل ۾ رکڻ ۾ ملوث آهي ته جيئن انهن جي قيادت کي ڪمزور ڪري سگهجي  هن چيو ته موجوده قيادت ڪنهن تحريڪ جي اهل ناهي عوامي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام آهي، عاليه حمزه جو به تحريڪ ۾ ڪوبه ڪردار نه آهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني جا پٽ سياسي منظر نامي ۾ اچن ٿا ته صورتحال مختلف ٿي سگهي ٿي فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته منهنجي خلاف سمورن ڪيسز جي ڪابه قانوني حيثيت نه آهي، اي ٽي سي جي فيصلي سان سياسي گرمي پد وڌيڪ وڌندو

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سروس ٽربيونل صرف دير جي بنياد تي اپيل خارج نٿو ڪري سگهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان قرار ڏنو آهي ته جيڪڏهن سرڪاري ملازم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے