بريڪنگ نيوز

حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ هاڻي ڪا به دوکيبازي نه ٿيندي، هارس ٽريڊنگ کي مان ڊانڪي ٽريڊنگ چوندو آهيان : ڪي پي ڪي جو وڏو وزير

پشاور  (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جو اجلاس ٿي گذريو ، اجلاس ۾ وڏي وزير علي امين گنڊاپور، اپوزيشن ليڊر ڊاڪٽر عبادالله ۽ اسپيڪر بابر سليم سواتي شرڪت ڪئي اجلاس کانپوءِ وڏي وزير علي امين گنڊاپور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ هاڻي ڪا به دوکيبازي نه ٿيندي هن چيو ته  هارس ٽريڊنگ کي مان  ڊانڪي ٽريڊنگ چوندو آهيان  ڇو ته گهوڙو هڪ عزت جوڳو جانور آهي  مان پاڻ به گهوڙن جو ڏاڍو شوقين آهيان ۽ ڏٺو وڃي ته گهوڙو هجي يا گڏهه ٻئي خدمت ڪندڙ جانور آهن هن چيو ته سينيٽ ۾ خريد ۽ وڪرو ان کان به ڪِريل ڪم آهي، فيصلو ڪيو ويو آهي ته سينيٽ ۾ خريد ۽ وڪرو نه ٿيڻ گهرجي  صوبي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهڙو سٺو فيصلو ٿي رهيو آهي ان کان اڳ پنجاب سينيٽ چونڊن ۾ به اسان اهو ئي ڪيو هو علي امين گنڊاپور چيو ته پي ٽي آءِ باني جيڪو فيصلو ڪيو هو، اسان ان ئي فارمولن تي عمل ڪنداسين، عدالتي حڪمن موجب مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبر گورنر هائوس ۾ حلف کڻي رهيا آهن سندس چوڻ هو ته پارٽي ناراض اميدوارن خلاف ڪارروائي ڪندي، پي ٽي آءِ باني جي فيصلي جي مخالفت ڪرڻ مطلب پي ٽي آءِ باني جي مخالفت ڪرڻ آهي علي امين گنڊاپور چيو ته اپوزيشن سان اتحاد رڳو سينيٽ چونڊن تائين آهي، اپوزيشن سان اڳ 8 ۽ 3 واري فارمولن تي اتفاق ٿيو هو، پر اسان جي اميدوارن طرفان ڪاغذ واپس نه وٺڻ سبب اسان کي نقصان ٿيو، هاڻي اسان کي 6 ۽ اپوزيشن کي 5 نشستون ملنديون وڏي وزير چيو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو سڀ پي ٽي آءِ باني جي حڪمن تحت ٿي رهيو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے