بريڪنگ نيوز

مالاڪنڊ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، فتنه الهندوستان جا نوَ دهشتگرد مارجي ويا، اٺ گرفتار

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر پختونخوا جي ضلعي مالاڪنڊ ۾ سيڪيورٽي فورسز، پوليس، ليـويز، سي ٽي ڊي ۽ ضلعي انتظاميا جي گڏيل آپريشنز دوران ڀارتي حمايت يافتا 9 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو ڪيو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، 16 کان 20 جولاءِ تائين ڪارروائين ۾ ڀارتي ايجنسي جي فتنـه الخوارج دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيون ويون، جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز خارجين جي ٺڪاڻن کي انتهائي مهارت سان نشانو بڻايو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 9 خارجي مارجي ويا ۽ 8 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، آپريشن دوران خارجين جي استعمال هيٺ ٻن ٿاڪن کي تباهه ڪيو ويودهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب، ته مقامي ماڻهن رياست جي دهشتگردي خلاف ڪوششن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ آپريشن کي ساراهيو. آءِ ايس پي آر جو چون آهي ته علائقي ۾ موجود باقي خارجين جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، سيڪيورٽي فورسز ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن. ڊپٽي ڪمشنر حامدالرحمان ٻڌايو ته آپريشن ۾ گن شپ هيليڪاپٽرن به حصو ورتو جڏهن ته دهشتگردن کان ڳري مقدار ۾ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي. انهي کان علاوه بنون ۾ دهشتگردن بڪاخيل ٿاڻي تي حملو ڪيو جنهن کي ڪي پي ڪي پوليس ناڪام بنائي ڇڏيو. رپورٽ موجب دهشتگردن هلڪي ۽ ڳري هٿيارن سان حملو ڪيو پوليس اهلڪارن بهادري سان جوابي ڪارروائي ڪئي جنهن کان پوءِ دهشتگرد فرار ٿي ويا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان کي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ محفوظ، پُرامن ۽ ترقي يافته ملڪ ڇڏي وڃڻو آهي: اعظم نذير

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے