بريڪنگ نيوز

سردار اختر مينگل کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو، نجي اڏام مان آف لوڊ

ڪوئٽه: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي اختيارين موجب اختر مينگل کي دبئي ويندڙ نجي ايئر لائين جي اڏام مان آف لوڊ ڪيو ويو، اختر مينگل جو نالو پي اين آءِ ايل ۾ هجڻ سبب کيس دبئي وڃڻ کان روڪيو ويو آهي. انهي حوالي سان سردار اختر مينگل جو چوڻ آهي ته دبئي جي لاءِ وڃڻو هو، مون کي آف لوڊ ڪيو ويو، اميگريشن اسٽاف آگاهي ڏني ته منهنجو نالو پرويزنل نيشنل آئيڊنئيفڪيشن لسٽ ۾ آهي. اڳوڻي وفاقي وزير آغا حسن ۽ غلام نبي مري اختر مينگل کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سردار اختر مينگل کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ غيرقانوني ۽ غير آئيني آهي، اختر مينگل اڃان تائين قومي اسيمبلي جو ميمبر آهي انهي جي استعيفيٰ کي به اڃان تائين منظور نه ڪيو ويو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ پاسپورٽ ۽ اميگريشن سسٽم کي پڻ تيز ۽ فول پروف بڻايو ويو آهي: محسن نقوي

بيجنگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ)گهرو معاملن واري وفاقي وزير وزير محسن نقوي بيجنگ پبلڪ سيڪيورٽي جي پاسپورٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے