بريڪنگ نيوز

پاڪ – افغان سرحد وٽان 5 آپگهاتي بمبار گرفتار ، افغانستان جا سڃاڻپ ڪارڊ

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز پاڪ-افغان سرحد تان خارجين جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائي 5 مبينا آپگهاتي بمبارن کي گرفتار ڪري ورتو سيڪيورٽي ذريعن موجب، 17 جولاءِ جي شام 5 وڳي خارجين پاڪ-افغان سرحد تان داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي سيڪيورٽي فورسز اطلاع ملندي ئي 5 مختلف هنڌن تي ناڪابندي ڪري ڇڏي، شام 6 لڳي 25 منٽن تي خوارج سرحد پار ڪري پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيا سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ خارجين عزيز خيل ۽ منڊي خيل جي طرف وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، جتي فورسز جي موجودگي سبب خارجين بيسي خيل جي مسجد ۾ پناهه ورتي، جنهن کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز فوري طور مسجد جو گهراءُ ڪري ورتو سيڪيورٽي ذريعن موجب، فورسز جي بهتر حڪمت عملي سبب خارجين هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا گرفتار خارجي افغان شهري آهن، جن مان 3 وٽ افغانستان جا سڃاڻپ ڪارڊ موجود هئا، جڏهن ته گرفتار خارجين جون عمرون 15 کان 18 سالن جي وچ ۾ آهن سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سڀني خارجين کي وڌيڪ جاچ لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے