ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي اينٽي ڪرپشن عدالت سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني کي ٽڊاپ ميگا ڪرپشن جي سڀني ڪيسن مان آجو ڪري ڇڏيو ڪراچي ۾ ٽڊاپ ڪيسن جي ٻڌڻي دوران يوسف رضا گيلاني عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت کيس ڪرپشن جي 14 ڪيسن مان آجو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻين سمورن جوابدارن کي به بري ڪيو ويو.عدالت چيو ته جيڪي ڪيس هاءِ ڪورٽ جا هئا اسان وٽ آيا، انهن تي به فيصلو ڪري رهيا آهيون آهي ۽ هر هڪ کي انفرادي طور ٻڌو ويو.جي جي ٻڌڻي کانپوءِ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر وڪيل فاروق ايچ نائيڪ چيو ته 2013 ۽ 2014 ۾ 26 ڪيس داخل ڪيا ويا، سڀني ۾ ساڳيو الزام هو ته ٽڊاپ ۾ سبسڊي لاءِ 50 لک رپيا ورتا ويا، ايف آءِ اي هڪ شخص جي چوڻ تي ڪيس ٺاهيو، يوسف رضا گيلاني 10 ڪيسن ۾ ضمانت تي هو ۽ ايف آءِ اي کيس روپوش قرار ڏنو.فاروق ايچ نائيڪ موجب، عدالت يوسف رضا گيلاني کي سڀني ڪيسن مان آجو ڪري ڇڏيو، سندس خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا هئا ۽ عدالت انصاف ڪيو جنهن لاءِ هو ججن جو ٿورائتو آهي يوسف رضا گيلاني چيو ته مون مٿان ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا هئا، فاروق ايچ نائيڪ بهترين نموني ڪيس وڙهيو ۽ الله جو شڪر آهي ته اڄ عدالت مون کي سڀني ڪيسن مان باعزت بري ڪري ڇڏيو.هن چيو ته جن ماڻهن ڪيس ٺاهيا، مان انهن جو اتحادي آهيان، کين ڇڏي به نٿو سگهان، قانون سازي ٿيڻ گهرجي ته جيڪڏهن فيصلو نه ٿئي ته ڪيس ختم ٿيڻ گهرجن.
