بريڪنگ نيوز

پاڪستان پاران شام جي خودمختياري ۽ عالمي قانون جو احترام ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان شام تي اسرائيلي اڳرائي جي مذمت ڪندي شام جي خودمختياري ۽ عالمي قانون جو احترام ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار شام جي صورتحال تي بيان ڏيندي چيو ته اسرائيل جون لاڳيتو ڀڃڪڙيون بي لغام هجڻ جي علامت آهن، اهي ڀڇڪڙيون اسرائيل جي جوابده نه هجڻ جي ڪري وڌيون آهن.عاصم افتخار وڌيڪ چيو ته اسرائيل جون ڀڃڪڙيون گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانوني نظام کي ڪمزور ڪري رهيون آهن، اسرائيلي ڪارروايون خطي کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش آهن.پاڪستاني نمائندي جو چوڻ هو ته هڪ ڏهاڪي کانپوءِ، شام جي عوام ۾ امن، وقار ۽ شام جي نئين سر اڏاوت جي نئين اميد اڀري رهي آهي ۽ شام ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن جي ٻيهر بحالي جا واضح اشارا مليا آهن.عاصم افتخار جو وڌيڪ چوڻ هو ته وڏيون پابنديون هٽائي ويون آهن، جنهن شام جي معيشت کي راحت ڏني آهي، شام ۾ قومي تعمير نو جي طرف سست پر واضح اڳڀرائي ٿي رهي آهي، شام جي قيادت خطي ۾ پرامن لاڳاپا قائم ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي.عاصم افتخار چيو ته اسرائيل جا شام تي حملا انتهائي غير مناسب ۽ نقصانڪار آهن، شام کي هن وقت اتحاد ۽ حمايت جي ضرورت آهي، پاڪستان شامي عوام سان مڪمل ٻڌيءَ جو اظهار ڪري ٿو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

انٽرنيشنل گرلز هاسٽل جو افتتاح،سنڌ سرڪار اعليٰ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے