بريڪنگ نيوز

انٽرنيشنل گرلز هاسٽل جو افتتاح،سنڌ سرڪار اعليٰ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ سرڪار اعليٰ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ نوجوانن جي طاقت سان ئي ترقي ممڪن آهي، سنڌ ۾ اعليٰ تعليم لاءِ 42 ارب رپيه مخصوص ڪيا ويا آهن، سنڌ سرڪار جو پيپلز آءِ ٽي پروگرام هڪ انقلابي قدم آهي، يونيورسٽين کي تحقيقي منصوبن، ڪانفرنسن، ليبز ۽ انفراسٽرڪچر لاءِ به فنڊ ملي رهيا آهن.وڏي وزير مراد علي شاهه اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ فوڊ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي نئين عمارت ۽ انٽرنيشنل گرلز هاسٽل جو افتتاح ڪري ڇڏيو.افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ نوجوانن جي طاقت سان ئي ترقي ممڪن آهي، سنڌ سرڪار اعليٰ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ اعليٰ تعليم لاءِ 42 ارب رپيه مخصوص ڪيا ويا آهن، اهي فنڊ سمورن صوبن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ سرڪار جو پيپلز آءِ ٽي پروگرام هڪ انقلابي قدم آهي، يونيورسٽين کي تحقيقي منصوبن، ڪانفرنسن، ليبز ۽ انفراسٽرڪچر لاءِ به فنڊ ملي رهيا آهن.مراد علي شاهه چيو ته آءِ ٽي پروگرام سان 40 سيڪڙو ملازمت جي شرح حاصل ٿيڻ جي اميد آهي، تعليم، روزگار ۽ برابري کي هٿي وٺرائڻ سنڌ حڪومت جو مشن آهي، سنڌ ڊيجيٽل، معاشي ۽ تعليمي ترقي جي رستي تي هلي رهي آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے