بريڪنگ نيوز

پاڪستان، افغانستان ۽ ازبڪستان ۾ ريلوي لائن سان واپار جو نئون دور شروع ٿيندو: شهباز شريف

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان، افغانستان ۽ ازبڪستان ۾ ريلوي لائن سان واپار جو نئون دور شروع ٿيندو، نيشنل شپنگ ڪارپوريشن کي ڪارپوريٽ سطح تي آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، ريلوي لائن سان وچ ايشيا سان واپاري سامان جي پاڪستاني پورٽ ذريعي دنيا ۾ اچ وڃ ٿيندي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پاڪستان جي شپنگ سيڪٽر ۽ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي سڌارن بابت اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي وزير احد خان چيمه، جنيد انور چوڌري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي شپنگ سيڪٽر ۾ خانگي شعبي جي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي لاءِ پلان جوڙيو وڃي، نيشنل شپنگ ڪارپوريشن کي ڪارپوريٽ سطح تي آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.شهباز شريف چيو ته پاڪستان، افغانستان ۽ ازبڪستان ۾ ريلوي لائن سان واپار جو نئون دور شروع ٿيندو، ريلوي لائن سان وچ ايشيا سان واپاري سامان جي پاڪستاني پورٽ ذريعي دنيا ۾ اچ وڃ ٿيندي.وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان جي فريٽ جي مد خرچ ٿيل ناڻي جي بچت لاءِ سامونڊي ٻيڙي ۾ جهازن جي انگ ۾ اضافي لاءِ قدم کنيا وڃن.شهباز شريف سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن کي شعبي جي نئين سر سڌارن ۽ جٽادار بزنس ماڊل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ پاسپورٽ ۽ اميگريشن سسٽم کي پڻ تيز ۽ فول پروف بڻايو ويو آهي: محسن نقوي

بيجنگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ)گهرو معاملن واري وفاقي وزير وزير محسن نقوي بيجنگ پبلڪ سيڪيورٽي جي پاسپورٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے