بريڪنگ نيوز

ننڍن هارين جي لاءِ آسان قرض ۽ جديد زرعي سهولتن جي فراهمي ترجيح بڻائي وڃي: وزيراعظم

اسلام  آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ننڍن هارين جي لاءِ آسان قرض ۽ جديد زرعي سهولتن جي فراهمي ترجيح بنائي وڃي ملڪي زرعي ترقي جي لاءِ منصوبه بندي ۽ ايگري فنانسنگ تي جائزه اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم هدايت ڪئي ته وچولي ۽ ننڍي پيماني تي زرعي زمين جي لاءِ آسان شرطن تي قرض جي فراهمي جي حوالي سان لائحه عمل پيش ڪيو وڃي هن چيو ته 12 ايڪڙ کان گهٽ زمين وارن هارين کي جديد زرعي سهولتن جي فراهمي اولين ترجيح هجڻ گهرجي، پاڪستان جي ترقي زرعي شعبي ۽ هارين جي پيداوار جي ويليو ايڊيشن سان جڙيل آهي شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ ترقي جي لاءِ ننڍن هارين کي سهولتن جي فراهمي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي. هارين کي جديد زرعي آلات، مصنوعي ذهانت ۽ معياري ٻج جي لاءِ آسان شرط تي قرض جي فراهمي لاءِ لائحه عمل پيش ڪيو وڃي هن چيو ته هارين جي ٻج جي پراسيسنگ کان برآمدات جي قابل شين جي تيارين جي لاءِ ننڍي پيماني جي صنعتي مشينري تائين پهچ جي حوالي سان به جامع منصوبه بندي ڪئي وڃي. حڪومت هارين کي جديد زرعي اوزار، معياري ٻج جي فراهمي، مصنوعي ذهانت، پاڻي جي بهتر استعمال، آن فارم اسمال انڊسٽري ۽ ٻين سهولتن جي لاءِ اصلاحات جي عمل کي تيز ڪري رهي آهي وزيراعظم چيو ته زرعي ٻج جي پراسيسنگ سان برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ هارين کي گهربل سهولتون ۽ تربيت جي لاءِ قدمن کي به اصلاحات ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير احد خان چيمه، راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي صلاحڪار محمد علي، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، عبدالرحمان ڪانجو،  خاص مددگار هارون اختر، گورنر اسٽيٽ بينڪ جميل احمد، چيف ڪوآرڊينيٽر مشرف زيدي ۽ لاڳاپيل اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي اجلاس کي زرعي شغبي جي جاري اصلاحات سان گڏوگڏ زرعي ترقياتي بينڪ لميٽيڊ جي ڪارڪردگي ۽ هارين کي ڏنل قرضن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. جڏهن ته وزيراعظم هلندڙ مهيني جي اختتام تائين هارين کي آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي ۽ ايگري فنانسنگ جي شعبي ۾ گهربل هم آهنگ نظام متعارف ڪرائڻ جي لاءِ گڏيل منصوبه بندي جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان پاران شام جي خودمختياري ۽ عالمي قانون جو احترام ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان شام تي اسرائيلي اڳرائي جي مذمت ڪندي شام جي خودمختياري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے