حيدرآباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته حيدرآباد ۾ بهتر شهري انتظام لاءِ قدم کنيا ويا آهن، جن ۾ آٽو ڀان روڊ تي اٺ ماڙ غير قانوني عمارتن خلاف ڪارروائي به شامل آهي. هن واضح ڪيو ته انهن عمارتن جي منظوري موجوده حڪومت جي دور ۾ نه پر گذريل حڪومتن جي دور ۾ ڏني وئي هئي. وڏي وزير اها ڳالهه صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، جام خان شورو ۽ ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو سان گڏ برسات کان متاثر علائقن جي دوري کان پوءِ ميئر آفيس ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪئي۔ مراد علي شاهه انڪشاف ڪيو ته حيدرآباد جي وڌيڪ ٽن علائقن ۾ به اهڙي قسم جون غير قانوني تعميرون موجود آهن جن تي اڃا تائين ڪارروائي نه ٿي آهي. هن چيو "اسان چڱيءَ ريت ڄاڻون ٿا ته هن شهر کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪنهن جو هٿ آهي” ھن گذريل حڪومتن جي نااهليءَ ڏانهن اشارو ڪيو. وڏي وزير يقين ڏياريو ته موجوده حڪومت ۽ نئين چونڊيل پيپلز پارٽي جي ميئر جي ڪوششن سان حيدرآباد جي شهري صورتحال ۾ جلد واضح تبديلي ايندي. هن چيو ته عوام جي اعتماد جو مان رکندي حقيقي ۽ پائيدار ترقي کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته حيدرآباد هڪ ھيٺائون علائقو آهي جتي پاڻي جي نيڪالي مڪمل طور پمپنگ اسٽيشنن تي ٻڌل آهي ڇوته هتي ڪشش ثقل سان پاڻي نڪري نٿو سگهي. "برسات دوران بجلي بند ٿيڻ صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيندي آهي” وڏي وزير ٻڌايو ته هن HESCO کي هدايت ڪئي آهي ته برسات دوران بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن، چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا جي برسات دوران وقت سر ڪاروائي جي تعريف ڪئي. هن ٻڌايو ته ڪجهه علائقن ۾ اڃا تائين پاڻي بيٺل آهي پر نيڪال جو عمل جاري آهي. وڏي وزير چيو تھ "مون حيدرآباد کي 2005–2006 کان ويجهو ڏٺو آهي اُن وقت به مان برسات دوران ٻيڙيءَ تي سفر ڪيو هو،” مراد شاهه ٻڌايو ته صفائي جو ڪم جاري آهي نشيبي علائقن مان پاڻي ڪڍيو پيو وڃي، پمپنگ اسٽيشنز ۽ نالن جي صفائي ٿي رهي آهي. هن چيو ته حيدرآباد جي انتظاميا ريلوي جي پمپنگ اسٽيشنن به هلائي ٿي۔روڊ منصوبا: وڏي وزير ٻڌايو ته آٽو ڀان روڊ جا فيز I ۽ II هن مهيني جي آخر تائين مڪمل ٿي ويندا جڏهن ته فيز III ايندڙ سال فيبروري تائين مڪمل ٿيندو. ھڪ رنگ روڊ به تعمير هيٺ آهي، جيڪو ٽن فلائي اوورن کي ڳنڍيندو ۽ اھو منصوبو مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي. هن ٻڌايو ته لطيف آباد نمبر 4 ۽ قاسم آباد ۾ فلٽر پلانٽن تي ڪم جاري آهي. ھالا ناڪي جي ويجهو نوان ADP منصوبا شروع ٿي چڪا آهن جڏھن ته نياز اسٽيڊيم جي سجاوٽ سنڌ حڪومت مڪمل ڪري ڇڏي آهي۔پي ايس ايل ميچون: وڏي وزير ٻڌايو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي سان ڳالهيون ٿي چڪيون آهن ته ايندڙ سال حيدرآباد ۾ پي ايس ايل ميچون ڪرايون وڃن. ويل چيئر ڪرڪيٽ ايشيئن چيمپيئن شپ جون ميچون ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿينديون. نياز اسٽيڊيم ۾ سيپٽمبر 2025 ۾ ڇهه بين الاقوامي ٽيمن جا ميچ ٿيندا جڏهن ته آگسٽ ۾ نئون عوامي پارڪ "ڊي پارڪ” پڻ افتتاح لاءِ تيار آهي. وڏي وزير چيو تھ "اسان برسات کي روڪي نٿا سگهون پر فوري نيڪال کي يقيني بڻائي سگهون ٿا. ترقي يافته ملڪ به اهڙين حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن جيئن تازو نيو يارڪ ۽ نيو جرسي ۾ ٿيو. حيدرآباد حڪومت جي ترجيح: سيد مراد علي شاهه چيو ته حيدرآباد سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي ۽ پيپلز پارٽي جي ترقياتي پاليسيءَ ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته عوام جو پيپلز پارٽي تي اعتماد تازن مڪاني چونڊن ۾ واضح ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي جو ميئر چونڊيو ويو۔ ھن چيو تھ "وسائل محدود ٿي سگهن ٿا، پر حيدرآباد جي عوام جي خدمت اسان جي پهرين ترجيح آهي.” دورو: وڏي وزير حيدرآباد جي مختلف اهم علائقن جن ۾ سول لائين، ٺنڊي سڙڪ، آٽو ڀان روڊ، پمپنگ اسٽيشنن ۽ ريلوي انڊر پاس شامل آهن جو دورو ڪيو. هن ھيٺائين علائقن جيئن فتح چوڪ، مڪي شاهه روڊ ۽ قاضي قيوم روڊ (قاسم آباد) جو پڻ معائنو ڪيو. بريفنگ دوران ڪمشنر ٻڌايو ته 14 جولاءِ تي رڳو هڪ ڪلاڪ ۾ 107 ملي ميٽر مينهن پيو، لطيف آباد ۾ 91 ملي ميٽر ۽ قاسم آباد ۾ 55 ملي ميٽر مينهن رڪارڊ ٿيو. 90 سيڪڙو پاڻي 10 ڪلاڪن اندر نيڪال ڪيو ويو. وڏي وزير هدايت ڪئي ته تعمير ھيٺ رستن جو ڪم تيز ڪيو وڃي ۽ باقي علائقن مان فوري نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي. هن برسات دوران هڪ شهري جي فوتگي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ حڪام کي عوامي تحفظ کي ترجيح ڏيڻ جي هدايت ڪئي۔عبدالستار ايڌھي فلائي اوور ۽ پنياري ڪينال جا منصوبا: وڏي وزير عبدالستار ايڌي فلائي اوور منصوبي جو دورو ڪندي ڪم جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ڪم ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي. کين ٻڌايو ويو ته پنياري ڪينال جي ٻنهي ڪنارن تي روڊن جي تعمير جاري آهي، جنهن تي مجموعي طور 2200 ملين رپين جي لاڳت اچي رهي آهي۔ ساڄي ڪناري واري روڊ 7.40 ڪلوميٽر ڊگهي هوندي جيڪا حيدرآباد باءِ پاس کان گنگهارا موڙي تائين ويندي جڏهن ته کاٻي ڪناري واري روڊ 9.80 ڪلوميٽر ڊگهي هوندي جيڪا ڦليلي موڙي ريگيوليٽر کان گنگهارا موڙي کان ٿيندي ٻيهر باءِ پاس تائين ويندي۔ انهن روڊن جو مقصد ٽريفڪ کي بهتر بنائڻ، انفراسٽرڪچر ۽ شهر جي منظرنامي ۾ سڌارو آڻڻ آهي. وڏي وزير انهن منصوبن جي وقت سر معياري، شفاف ۽ مانيٽرنگ سان مڪمل ٿيڻ کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. مراد شاهه عبدالستار ايڌهي روڊ جي تعمير ۾ حددخلين جي رنڊڪ جو به ذڪر ڪيو ۽ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي هدايت ڏني۔
