راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) راولپنڊي، اسلام آباد ۽ ڏوراهين علائقن ۾ طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، لئي نالي ۾ پاڻي جي سطح 21 فٽ کان وڌي وئي، سوان درياءَ ۾ چاڙهه سبب هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، ڪيتريون ئي گاڏيون پاڻي جي تيز وهڪرن ۾ ٻڏي ويون، چڪري جي علائقي لاديان ۾ ڦاٿل 10 ڄڻن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو راولپنڊي ۾ رڪارڊ برسات هر طرف تباهي مچائي ڇڏي، لئي نالي ۾ پاڻي جي سطح 21 فٽ تائين بلند ٿي وئي، خطري جا سائرن وڄائي ماڻهن کي لڏ پلاڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. شهري گهرن جي ڇتين تي اذانون ڏئي الله کان مدد طلب ڪندا رهيا، پيرو دهائي، ٽينچ بهانه، اريه محله، ڊهوڪ، سيدان، قريشي آباد، گرجا روڊ، دهميال، چڪري، اڊيالا روڊ، نديم ڪالوني، جاويد ڪالوني، پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو جنهن سبب شهرين جو قيمتي فرنيچر، گاڏيون ۽ ضروري سامان تباهه ٿي ويو لئي نالي مان گذرندڙ ريلي سوان درياءَ جي هنڌ تي تباهي مچائي ڇڏي، پوش هائوسنگ سوسائٽيز ۾ به پاڻي داخل ٿيڻ سبب شهري محدود ٿي ويا. واسا اختيارين موجب راولپنڊي، اسلام آباد ۾ گڏيل طور تي 250 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي، سڀني کان وڌيڪ برسات گوالمنڊي جي هنڌ تي 235 ملي ميٽر، نيو ڪٽاريان ۾ 220 ملي ميٽر ۽ پيرو دهائي ۾ 200 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي ڪمشنر راولپنڊي عامر خٽڪ موجب ريسڪيو 1122 سميت سمورا ادارا هاءِ الرٽ آهن. ريسڪيو 1122 پوري ضلعي ۾ ريسڪيو آپريشن جاري ڪري رکيو آهي. ترجمان موجب لاديان ۾ ڦاٿل 19 ماڻهن کي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو ويو جڏهن ته گڏيل طور تي 59 ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي. هاٿي چوڪ نالي ۾ ٻڏي ويل ٻار جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. راولپنڊي ڪٽورنمينٽ بورڊ“ چڪلالا ڪنٽونمينٽ بورڊ، راولپنڊي ويسٽ مينجمينٽ ڪمپني سميت سمورا ادارا فيلڊ ۾ رهي شهرين جون پريشانيون گهٽ ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. ضلعي انتظاميه عوام کي گهرن ۾ رهڻ ۽ غير ضروري طور تي گهرن کان ٻاهر نه نڪرن پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس تي پيغام ۾ چيو ته غير معمولي طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ صورتحال تي پنجاب جي مختلف علائقن ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. مريم نواز چيو ته سرڪاري ادارا جذبي ۽ انتهائي محنت سان ڪم ڪري رهيا آهن. انتظاميه کي عوام کي سائرن ذريعي اعلانن کان آگاهه رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته عوام ادارن سان تعاون ڪري، حفاظتي هدايتن تي عمل ڪري راولپنڊي ۾ برسات کان پوءِ ٻوڏ صورتحال کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم شهباز شريف هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو. ذريعن موجب وزيراعظم چيف ڪمشنر راولپنڊي، ايم ڊي واسا کان فوري طور تي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ برسات سبب ٿيل نقصانن ۽ حفاظتي انتظامن جو جائزو ورتو ويندو وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ تازي تيز برساتن ۽ دريائن ۾ چاڙهه جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اڄ نيشنل ڊيزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) جو هنگامي دورو ڪندو. دوري جي دوران وزيراعظم کي ملڪ ۾ جاري برسات، ٻوڏ صورتحال ۽ امڪاني خطرن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي. اين ڊي ايم اي اختيارين وزيراعظم کي حفاظتي قدمن، متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏيل حڪمت عملي کان آگاهه ڪندا ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينيٽر طرفان سيٽلائٽ تصويرن جي مدد سان ايندڙ ڏينهن ۾ موسم جي صورتحال ۽ امڪاني خطرن بابت اڳواٽ ڄاڻ به فراهم ڪئي ويندي. وزيراعظم جو اهو دورو وقت تي قدمن ۽ متاثر علائقن ۾ موثر امدادي ڪارروائين کي يقيني بنائڻ لاءِ اهميت جوڳو آهي
