بريڪنگ نيوز

هر وزارت جي 2 مهينن کان پوءِ ڪارڪردگي جانچ ڪنداسين، سٺا نتيجا نه ڏيڻ تي ڪارروائي ڪئي ويندي: وزيراعظم

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هر وزارت جو 2 مهينن کان پوءِ جائزو وٺي انهن جي ڪارڪردگي ڏسنداسين، ڪنهن وزارت جي ڪارڪردگي خراب ٿي ته انهي جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.وفاقي ڪابينه جي اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته سٺن نتيجن جي حوالي سان لاڳاپيل ادارن جي تعريف ڪئي ويندي، جتي به خرابيون آهن انهي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.هن چيو ته  معيار تي پورو لهندڙ اسان جي سرن جا تاج آهن، اين ڊي ايم اي هڪ جاندار ادارو بڻجي چڪو آهي. تازين برساتن بابت اين ڊي ايم اي اختيارين سان گڏجاڻي ڪئي، سوات واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ حادثو هو،  آئنده موثر قدمن لاءِ  سوات سانحي کان سکڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج جو تاريخي سطح تي وڃڻ معيشت جي بهتري جي عڪاسي آهي، معيشت جي بهتري لاءِ گڏجي ڪوششون ڪري رهيا آهيون.شهباز شريف ڪابينه اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته محرم الحرام جي جلوسن ۽ مجلسن جو پرامن ماحول ۾ منعقد ٿيڻ تي پوري قوم، چئني صوبن جي وڏن وزيرن ۽ گهرو وزير محسن نقوي کي مبارڪباد پيش ڪرڻ چاهيان ٿو.وزيراعظم چيو ته اسان جي ڪابينه کي ڏيڍ سال جو وقت گذري ويو آهي، هاڻ هر 2 مهينن کان پوءِ هر وزارت جي ڪارڪردگي جي جانچ ڪنداسين، سٺن نتيجن تي شاباش ڏينداسين ۽ ڪوتاهين کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين انهي جي لاءِ مان ڪنهن به قسم جي سخت ڪارروائي کان به پوئتي نه هٽندس.هن چيو ته ٻن لفظن ۾ چوڻ چاهيان ٿو ته ڪنهن کي ڪوڙو تاثر پيدا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. صرف ڪارڪردگي ۽ قوم جي خدمت ئي پهرين ترجيح آهي، جيڪو معيار تي پورو لهندو اهو اسان جي سرن جو تاج هوندو ۽ جيڪو معيار تي پورو نه لٿو انهي کي احساس ڏيارينداسين.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان پاران شام جي خودمختياري ۽ عالمي قانون جو احترام ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان شام تي اسرائيلي اڳرائي جي مذمت ڪندي شام جي خودمختياري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے