بريڪنگ نيوز

قلات ۾ مسافر بس تي فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

قلات (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي قلات جي علائقي نيمرغ ۾ اڻڄاتل ماڻهن مسافر ڪوچ تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. مسافر ڪوچ ڪراچي کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي، واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ امدادي ٽيمون اتي پهچي ويون. بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند تصديق ڪندي ٻڌايو ته افسوسناڪ واقعي ۾ 3 مسافر شهيد ۽ 7 زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال قلات منتقل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال قلات ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے