بريڪنگ نيوز

قلات ۾ مسافر بس تي فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

قلات (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي قلات جي علائقي نيمرغ ۾ اڻڄاتل ماڻهن مسافر ڪوچ تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. مسافر ڪوچ ڪراچي کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي، واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ امدادي ٽيمون اتي پهچي ويون. بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند تصديق ڪندي ٻڌايو ته افسوسناڪ واقعي ۾ 3 مسافر شهيد ۽ 7 زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال قلات منتقل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال قلات ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان پهريون هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ خلا ۾ اماڻڻ ۾ ڪامياب

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)   پاڪستان جو پهريون هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ HS-1 ڪاميابي سان چين سان گڏ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے