اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ترقي جي اهل آفيسر کي رٽائرمينٽ کانپوءِ به پروموشن ڏئي سگهجي ٿو. اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي غلام قادر ٿيٻو کي 22هين گريڊ ۾ ترقي نه ملڻ خلاف ڪيس ۾ جسٽس محمد علي مظهر 5 صفحن تي ٻڌل لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ عدالت عظميٰ قرار ڏنو ته ترقي جو حق نه سهي پر هر سرڪاري ملازم کي غور هيٺ آڻڻ بنيادي حق آهي. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت عظميٰ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته هاءِ پاورڊ سليڪشن بورڊ ٻيهر ٻن مهينن ۾ درخواستگذار جو ڪيس ميرٽ تي ٻڌي، درخواستگذار پوليس سروس جو سينيئر آفيسر هو پر 3 ڀيرا ترقي کان محروم رهيو، درخواستگذار جون 2013 کان 2018 تائين سموريون ڪارڪردگي رپورٽون بهترين هيون. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته هاءِ پاورڊ سليڪشن بورڊ بنا ڪنهن ٺوس ڪارڻ جي ترقي نه ڏني، 2019 جي ڪارڪردگي رپورٽ نه هجڻ جو سبب فيلڊ پوسٽنگ جو نه ملڻ هو، ترقي جي اهل آفيسر کي رٽائرمينٽ کانپوءِ به پروموشن ڏئي سگهجي ٿو. عدالت فيصلي ۾ لکيو ته هاءِ پاورڊ سليڪشن بورڊ منٽس ۾ ناڪاري ريمارڪس بنا ڪنهن ثبوت جي شامل ڪيا ويا، درخواستگذار جي ساک تي ڪو الزام ثابت نه ٿيو، رٽائرڊ آفيسرن کي دير سان انصاف ڏيڻ غير منصفاڻو آهي، سمورا سرڪاري ادارا ترقي جي معاملن ۾ شفاف ۽ تڪڙا فيصلا ڪن.
