اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ ان جي ڪابينه جي وزير غلام سرور پي آءِ اي کي قبرستان بنائي ڇڏيو هو، انهن رياست جي خلاف ڏوهه ڪيو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي دفاع واري وزير چيو ته پاڪستان جو نالو برطانيه جي ايئر سيفٽي لسٽ مان ڪڍڻ هڪ اهم ڪاميابي آهي، 2020 ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جي هوا بازي واري وزير جي غير ذميوار بيان جي ڪري پابندي لڳي، اهو فعل ملڪ جي خلاف هڪ ڏوهه هو جيڪو نه صرف غلام سرور خان کان ٿيو هو پر انهي جي ذميواري انهي وقت جي وزيراعظم تي به لاڳو ٿئي ٿي جنهن سبب اربين روپين جي نقصان سان گڏوگڏ قومي وقار به مجروح ٿيو.هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ قومي هوابازي جي شعبي ۾ اڄ هڪ اهم ڪاميابي ملي آهي جنهن ۾ برطانيه جي ايئر سيفٽي لسٽ مان پاڪستان جو نالو نڪري ويو آهي. هن چيو ته اها پابندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي دور جي هوابازي واري وزير غلام سرورخان جي هڪ غير ذميوارانه بيان سبب لڳي انهي جي پٺيان انهن جو ڪهڙو مقصد هو، انويسٽيگيشن صحافت سان جڙيل صحافين کي به گهرجي ته اهي انهي جي جاچ ڪن ته انهي بيان سان قومي ايئر لائين ڪيترو وڏو نقصان پهتو.دفاع واري وزير چيو ته اهڙي قدم تي مان برطانيه ۽ يورپي يونين کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. نادر ڊار اسان جي سول ايوي ايشن جو سربراهه آهي، اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن انهي مقصد جي لاءِ نيڪ نيتي ۽ خلوص سان ڪم ڪندي رنڊڪن کي ختم ڪيو ۽ اهو سلسلو جاري رهيو اڄ اسان کي سٺي خبر ٻڌڻ لاءِ ملي آهي، اڳوڻن سيڪٽرين به ايئر اسٽينڊرڊ سيفٽي جي معيار کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي ۽ پوري دنيا ۾ اسان جي ايئر لائين جي صنعت تي ڀروسو بحال ٿيو آهي.خواجه آصف چيو ته انهي سان گڏوگڏ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته آمريڪا جي لاءِ اڏامن جي اهليت کي پورو ڪندي انهي ساک کي بحال ڪريون جنهن تي پابندي نه هئي پر پي ٽي آءِ جي انهي قدم سان اها ساک متاثر ٿي وئي هئي. دفاع واري وزير چيو ته ايندڙ مرحلي ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي. سمورا انٽرنيشنل روٽس بحال جڏهن نجڪاري ٿيندي ته انهي جي ويليو وڌندي ۽ حڪومت کي وڌيڪ فائدو ٿيندو.هن چيو ته بطور دفاع واري وزير طور منهنجو به اهو تجربو آهي جيڪو به ايئرلائين خريد ڪندو انهي کي ٺهيل ٺڪيل عمارت بيٺل ملندي، پي آءِ اي سان قوم کي جذباتي لڳاءُ آهي ۽ انهي جو ڀاڙو به گهٽ آهي. دفاع واري وزير ملڪ، قوم ۽ پي آءِ اي کي مبارڪباد ڏني ته جهڙي طرح اها خوشي جي خبر ملي آهي اهو اسان جي لاءِ هڪ يادگار ڏينهن آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن سموري وقت ۾ بڍحالي لاءِ ايئر سيفٽي انسپيڪشنز مڪمل ڪئي وئي ۽ اهو عمل جاري هو هاڻ جڏهن اسان کي ڪليئرنس ملي وئي آهي ته اسان وڌيڪ بهتر انداز ۾ جاچ ڪري سگهون ٿا.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فوجي فرٽيلائيزر ۽ ايئر بليو کان علاوه 4 ٻين گروپس به نجڪاري جي عمل لاءِ خواهش جو اظهار ڪيو آهي.
