لاهور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي پي ڊي ايم اي هاڻوڪي سانوڻي جي برساتن سبب نقصانن بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب هلندڙ سال سانوڻي جي برساتن دوران پيش آيل مختلف حادثن سبب 77 شهري فوت جڏهن ته 214 زخمي ٿيا. پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب سانوڻي جي برساتن سبب 74 گهر متاثر ۽ 6 پالتو جانور به مري ويا. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سانوڻي جي برساتن سبب 27 شهري فوت ۽ 46 زخمي ٿيا. پي ڊي ايم اي جي ڊي جي عرفان علي چيو ته وزيراعليٰ پنجاب جي هدايتن موجب زخمين کي بهترين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، حڪومت پنجاب جي پاليسي تحت فوت ٿيلن جي وارثن کي به امداد فراهم ڪئي ويندي. ڊي جي عرفان علي چيو ته شهرين کي اپيل آهي ته برسات جي موسم کي نظر ۾ رکندي احتياطي اپاءُ اختيار ڪن. پراڻن ۽ ڪچن گهرن ۾ رهڻ کان پاسو ڪيو وڃي، زبون حال ۽ پراڻن گهرن جون ڇتيون ڪرڻ سبب وڌ کان وڌ فوتگيون رڪارڊ ٿيون. هن چيو ته ٻارن جو خيال رکون، کين بجلي جي تارن ۽ ٿنڀن ۽ هيٺائين وارن علائقن ڏانهن وڃڻ نه ڏيو، احتياطي اپاءُ اختيار ڪري جاني ۽ مالي نقصان کان بچي سگهجي ٿو. لاهور ۾ تيز برسات سبب گهرن جون ڇتيون ڪرڻ ۽ مختلف حادثن ۾ 12 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. ريسڪيو ترجمان موجب شهر ۾ برسات دوران گهرن جون ڇتيون ڪرڻ جا 4 واقعا ٿيا آهن جڏهن ته مختلف حادثن دوران 12 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.لاهور جي علائقي ٺهوڪر نياز بيگ ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا فوت، 2 زخمي ٿي پيا فوت ٿي ويلن ۾ 2 ٻارڙيون، 2 عورتون ۽ هڪ مرد شامل آهي انهي کان علاوه 2 ڄڻا زخمي به ٿيا. ريسڪيو اختيارين موجب فوت ٿي ويل ماڻهن ۾ 60 سالن جو مانگا، 55 ورهين جي عشرت، 3 ورهين جي خديجه، 4 ورهين جي لطيفه ۽ 35 ورهين جي راڻي شامل آهن.ريسڪيو موجب برينس پوره ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب ڀاءُ ۽ ڀيڻ فوت ٿيا جڏهن ته شيرا ڪوٽ ۾ 2 ورهين جو نوجوان ۽ بهاوالنگر جي علائقي منچن آباد ۾ مدرسي جي ڇت ڪرڻ سبب شاگرد فوت ٿيا، مدينه ٽائون ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 10 ورهين جو ٻار حياتي وڃائي ويٺو. ريسڪيو ترجمان ٻڌايو ته اوڪاڙه جي علائقي نعيم آباد ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت ٿيا، پاڪپتن جي مختلف علائقن ۾ ڀتين ۽ ڇتيون ڪرڻ سبب 2 ٻار جڏهن ته بکهر جي علائقي جهان خان ۾ ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته زخمين ۾ 30 ورهين جو فيصل ۽ 5 ورهين جي ببلي شامل آهن. لاهور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ رات جو تيز برسات سبب ڪيترائي روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. واسا موجب پاني والا تالاب ۾ سڀني کان وڌيڪ 171 ملي ميٽر، اقبال ٽائون ۾ 169 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.ياد رهي ته لاهور کان علاوه پتوڪي، اوڪاڙه ساهيوال، چيچه وطني، ميان چنو، سرگودها، سيالڪوٽ، گجرات سميت پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ به وقفي وقفي سان برسات پئي. جنهن سبب ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته بجلي جي فراهمي به معطل ٿي وئي.
