کپرو (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي ترجمان ۽ قومي اسيمبلي جي رڪن شازيا عطا مري تعلقو کپرو ۾ هڪ شاندار تقريب دوران 372 ٻوڏ متاثر عورتن کي گهرن جون سندون ورهائيون تقريب ۾ مقامي چونڊيل نمائندن، ڊپٽي ڪمشنر ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي شازيا عطا مري چيو تہ ٻوڏ متاثر ماڻهن کي مالڪي حقن سان عزتدار رهائش فراهم ڪئي پئي وڃي تہ جيئن اهي ٻيهر پنهنجين زندگين جي بحالي طرف اڳتي وڌي سگهن ھن چيو تہ سنڌ حڪومت طرفان هيل تائين 21 لک گهر تعمير ڪيا ويا آهن جيڪي "سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز” اسڪيم تحت متاثر خاندانن کي ڏنا پيا وڃن شازيا مري چيو تہ پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد محترمہ بينظير ڀٽو جي مشن تي هلندڙ آهي جيڪا سدائين عورتن کي بااختيار ۽ خودمختيار ڏسڻ چاهيندي هئي ھن چيو تہ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام اڄ بہ لکين مستحق خاندانن لاءِ هڪ مضبوط سهارو آهي، ۽ پيپلز پارٽي جو ويزن آهي تہ معاشري جي پوئتي پيل طبقن کي معاشي طور مستحڪم ڪيو وڃي شازيا مري وڌيڪ چيو تہ سنڌ حڪومت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي عمل ڪندي ٻوڏ متاثر ماڻهن لاءِ گهرن جي تعمير کي ترجيح ڏئي رهي آهي بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آهي تہ هر متاثر خاندان کي باعزت ڇت مهيا ڪئي وڃي ۽ ڪو به ماڻهو بي گهر نہ رهي ھن چيو صدر آصف علي زرداري پڻ شهيد محترمہ بينظير ڀٽو جي ويزن کي اڳتي وڌائيندي خاص طور عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ مختلف قدمن جي شروعات ڪئي آهي شازيا مري چيو پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي اها واحد جماعت آهي جيڪا سدائين غريب، مظلوم ۽ پوئتي پيل طبقي جي آواز بڻجي انهن جي حقن لاءِ عملي قدم کنيا آهن تقريب جي آخر ۾ سندون حاصل ڪندڙ عورتن پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت جا ٿورا مڃيندي چيو تہ انهن جي تڪليفن جو ازالو ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ هو نئين اميد سان زندگي جي شروعات ڪندا.
