ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات کاتي سنڌ سرڪار ڪميشن فار دي پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پريڪٽيشنرز ۾ عورت صحافين کي نمائندگي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ڪميشن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ڪميشن کي خطن جا جواب نھ ڏيندڙ عملدارن خلاف ڪاررواين لاءِ اختيارن جي لاءِ بھ ڪابينا سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ڪميشن فار دي پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پريڪٽيشنرز جو اجلاس ڪراچي ۾ سندس آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ عورتن کي ڪميشن ۾ نمائندگي ڏيڻ ۽ اُن حوالي سان ترميمي بل صوبائي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ، ڪميشن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ڪميشن جي خطن جو جواب نھ ڏيڻ وارن اختيارين خلا ف ڪاررواين جي اختيارن لاءِ بھ ڪابينا سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو اجلاس ۾ سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ، ڪميشن جي چيئرمين اعجاز احمد ميمڻ، سيڪريٽري سعيد ميمڻ، ممبران ڊاڪٽر عبدالجبار خٽڪ، ڊاڪٽر توصيف احمد خان، مظھر عباس ۽ عبيداللھ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبي ۾ صحافين جي تحفظ جي حوالي سان ڪميشن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ڪميشن جي چيئرمين اجلاس کي ٻڌايو تھ 2023 کان وٺي ھن وقت تائين ڪميشن جا 18 اجلاس ٿي چُڪا آھن، جن ۾ صحافين جي تحفظ جي ڪيسن تي تفصيلي روشني وڌي وئي، ڪميشن جي فيصلن تحت صحافين جي ڪيسن تي پوليس ۽ گھرو کاتي کان رپورٽون طلب ڪيون وينديون آھن ڪميشن جي ميمبرن اجلاس کي ٻڌايو تھ ڪجھھ عملدار ڪميشن طرفان لکيل خطن جو جواب نھ ڏيندا آھن، ضرورت ان ڳالھھ جي آھي تھ ڪميشن جي قانون ۾ ترميم ڪري اُن کي بااختيار بڻايو وڃي، ڪميشن ۾ عورتن جي نمائندگي بھ يقيني بڻائي وڃي تھ جيئن عورت صحافين جي مسئلن کي بھتر انداز ۾ نمائندگي ملي سگھي. اُن موقعي تي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪميشن جي چيئرمين کي تجويز ڪيل ترميم جو مسودو تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو تھ اُن حوالي سان ترميمي بل آئون پاڻ سنڌ اسمبلي ۾ پيش ڪندس، صحافين جو تحفظ سنڌ سرڪار جي پھرين اوليتن ۾ شامل آھي شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪميشن جي قانون تحت صحافين کي لائف انشورنس ۽ پروفيشنل ٽريننگ ميڊيا مالڪن جي ذميواري آھي، ڪميشن جي طرفان اُن سلسلي بھ خط بھ لکيا ويا آھن، ميڊيا مالڪن کي گذارش آھي تھ قانون تي عمل ڪندي صحافين کي ٽريننگ ۽ انشورنس ڪرايون وڃن ھن چيو تھ صحافتي يونين ۽ ميڊيا جا ادارا سڀني کان پھرين پنھنجي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ صحافين بابت ڊيٽا ڪميشڻ کي فراھم ڪن تھ جيئن سندن تحفظ جي حوالي سان بھتر پاليسي ترتيب ڏئي سگھجي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪميشن جي چيئرمين کي ھدايتون جاري ڪيون تھ سنڌ سرڪار طرفان مقرر ڪيل گھٽ ۾ گھٽ اجرت واري فيصلي کي ميڊيا ادارن ۾ عمل ڪرائڻ لاءِ بھ خط لکيا وڃن
