بريڪنگ نيوز

معاشي طور تي ڪمزور طبقي جي ٻارن جي خدمت جو خواب ڏٺو اهو پورو ٿي رهيو آهي: محمد شهباز شريف

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻارن کي عالمي معيار جي تعليم ۽ تربيت جي فراهمي کي اولين ذميواري قرار ڏيندي چيو آهي ته پوري ملڪ ۾ دانش اسڪولز قائم ٿيڻ سان هزارين ٻار فائدو کڻندا، معاشي طور تي ڪمزور طبقي جي ٻارن جي خدمت جو خواب ڏٺو اهو پورو ٿي رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي صدارت ۾ سڄي ملڪ ۾ دانش اسڪولز ۽ اسلام آباد ۾ دانش يونيورسٽي جي تعمير بابت اڳڀرائي جي حوالي سان ٿيندڙ جائزه اجلاس کي خطاب دوران ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، اعظم نذير تارڙ، احد خان چيما، خالد مقبول صديقي، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، چيف ڪوآرڊينيٽر مشرف زيدي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن کانسوا چئني صوبن بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي چيف سيڪريٽريز ۽ نمائندن پڻ وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته دانش اسڪولز ۽ دانش يونيورسٽي جي تعمير ۾ ڊيجيٽل ۽ جديد ڪلاس رومز تي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي وڃي. هن چيو ته آئُون خادم پاڪستان طور قوم جي ٻارن کي عالمي معيار جي تعليم ۽ تربيت پنهنجي اولين ذميواري سمجهان ٿو. وزيراعظم دانش اسڪولز ۾ استادن کي بهترين پئڪيج ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته استادن ۽ اسٽاف جي ڀرتين ۾ شفافيت ۽ ميرٽ کي يقيني بڻايو وڃي. هن آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ دانش اسڪولز جي تعمير جي حوالي سان ڪم تيز ڪرڻ ۽ دانش اسڪولز ۽ يونيورسٽي ۾ عالمي معيار جي جديد علم جي تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پنجاب ۾ دانش اسڪولز جي صورت ۾ جيڪو ٻوٽو هنيو هو اهو وڌي وڏو وڻ بڻجي چڪو آهي، غريب ۽ وچولي طبقي جا سوين شاگرد دانش اسڪولز مان فارغ التحصيل ٿي سڄي دنيا ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي رهيا اهن، دانش اسڪولز سان معاشي طور تي ڪمزور طبقي جي ٻارن جي خدمت جو جيڪو خواب ڏٺو الله تعاليٰ جي فضل سان هو پورو ٿي رهيو آهي، پوري ملڪ ۾ دانش اسڪولز قائم ٿيڻ سان هزارين ٻار فائدو کڻندا. هن چيو ته هو هر طبقي جي ٻارن کي اعليٰ تعليم ۽ تربيت جي هڪ جهڙن موقعن جي فراهمي جي لاءِ سدائين ڪوششون ڪندو رهندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪُري اسلام آباد ۾ دانش اسڪول جي تعمير تي ڪم تيزي سان جاري آهي جيڪو هلندڙ سال جي پڄاڻي تائين مڪمل ڪيو ويندو، گلگت بلتستان ۾ سلطان آباد، گانڇي ۽ استور ۾ دانش اسڪولز جي تعمير تي پڻ ڪم تيزي سان جاري آهي جيڪو ايندڙ سال مڪمل ٿيندو، آزاد ڪشمير ۾ باغ ۽ ڀمڀر ۾ دانش اسڪولز تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي جڏهن ته شارده نيلم ۾ دانش اسڪول جي پي سي ون منظور ٿي چڪي آهي جنهن جو تعميري ڪم جلد شروع ڪيو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بلوچستان ۾ سبي، موسيٰ خيل، قلعه سيف الله ۽ ڊيره بگٽي ۾ دانش اسڪولز جي پي سي ون منظور ٿي چڪي آهي جڏهن ته حب ۾ دانش اسڪول جي تعمير جي فزيبلٽي تي ڪم جاري آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته چترال، ڪراچي ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ دانش اسڪولز جي تعمير جي لاءِ زمين جي چونڊ ٿي چڪي آهي جڏهن ته ان جي فزيبلٽي ۽ ٻين قدمن تي ڪم تيزي سان جاري آهي. اجلاس کي ايبٽ آباد ۽ وزيرستان ۾ دانش اسڪولز جي تعمير جي تجويزن ۽ راجن پور ۾ يونيورسٽي جي حوالي سان اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. دانش اسڪولز يونيورسٽي جي حوالي سان اڳڀرائي بابت اجلاس کي ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي جي ٽيڪنو فزيبلٽي تي ڪم تيزي سان جاري آهي جيڪو هلندڙ مهيني جي پڄاڻي تائين مڪمل ڪيو ويندو، ماسٽر پلان، ڊيزائن ۽ تعمير جي لاءِ 12 عالمي فرمز مان 7 گهربل معيار تي پوريون لٿيون آهن ۽ پرڪيورمنٽ ڪميٽي ان کي حتمي شڪل ڏئي رهي آهي، عالمي معيار جي ڊگري پروگرامز، داخلائن جي تفصيلن ۽ الائيڊ سهولتن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته دانش اسڪولز يونيورسٽي ۾ عمارتن کي سادو جڏهن ته ڪلاس رومز ۾ جديد سافٽ ويئر، ڊيجيٽل ايڪيوپمنٽ، جديد ليبز ۽ موجوده دور جي ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري کي مرڪزي اهميت ڏني وڃي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي آءِ اي جي نجڪاري ايندڙ 2 کان 3 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حدف مقرر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) حڪومت قومي ايئر لائين پي آءِ اي جي نجڪاري ايندڙ 2 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے