غزا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسرائيلي فوج غزه جي واحد ڪيٿولڪ چرچ تي حملو ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته پادري فادر گيبريل رومانيلي سميت ڪيترائي زخمي ٿي پيا. والاريل بيت المقدس ۾ لاطيني آرڪيٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج هولي فيملي چرچ جي احاطي کي نشانو بڻايو، جنهن سبب 2 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. الاهلي عرب اسپتال جي قائم مقام ڊائريڪٽر موجب زخمين ۾ هڪ معذور ٻار، ٻه عورتون ۽ هڪ بزرگ شامل آهن، جڏهن ته ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. هڪ اکين ڏٺي شاهد ٻڌايو ته اسرائيلي فوجي ٽينڪن طرفان چرچ تي شديد بمباري ڪئي وئي. ان چرچ ۾ انهن عيسائين ۽ مسلمانن پناهه ورتي هئي، جيڪي اسرائيلي حملن سبب پنهنجن گهرن کان محروم ٿي چڪا هئا. ڪيٿولڪ مسيحين جي مذهبي پيشوا واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چرچ تي حملن ۾ مارجي ويلن ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا گهري. هن غزا ۾ فوري طور جنگ بندي جو مطالبو ورجايو ۽ چيو ته کيس اميد آهي ته جلد ئي علائقي ۾ امن لاءِ ڌرين وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو شروع ٿيندو. هوڏانهن اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني به واقعي تي سخت ردعمل ڏيندي چيو ته اسرائيلي بمباري دوران هولي فيملي چرچ کي نشانو بڻايو ويو. هن ڪيترن ئي مهينن کان جاري اسرائيلي حملن کي ناقابل قبول قرار ڏيندي چيو ته ڪا به فوجي ڪارروائي اهڙن قدمن جو جواز نٿي بڻجي سگهي.
