بريڪنگ نيوز

پاڪستان اسرائيل سان جنگ جي دوران جهڙي طرح ساٿ ڏنو اهو ڪڏهن به نٿا وساري سگهون: ايراني صدر

تهران (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته پاڪستان اسرائيل سان جنگ جي دوران جهڙي طرح ساٿ ڏنو اهو ڪڏهن به نٿا وساري سگهون وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان جي وچ ۾ تهران ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪ ايران لاڳاپا ۽ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته انهي دوران محسن نقوي ايراني صدر کي جنگ ۾ عظيم فتح تي مبارڪباد ڏني گهرو وزير چيو ته پاڪستان ايران تي حملي جي هر فورم تي پرزور مذمت ڪئي ۽ ايراني سپريم ليڊر سميت پوري قوم جارحيت جي خلاف ڄمي مقابلو ڪيو گهرو وزير وزيراعظم شهباز شريف طرفان ايراني صدر کي نيڪ خواهشن ۽ احترام به پيغام پڻ پهچايو. انهي موقعي تي ڳالهيون ڪندي ايراني صدر چيو ته پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏيون ٿا. پاڪستان اسرائيل سان جنگ جي دوران جهڙي طرح ساٿ ڏنو اهو ڪڏهن به وساري نٿا سگهون هن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي حڪومت مسلمان ملڪن جي وچ ۾ ورهاست پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي تمام گهڻو ضروري آهي

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي آءِ اي جي نجڪاري ايندڙ 2 کان 3 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حدف مقرر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) حڪومت قومي ايئر لائين پي آءِ اي جي نجڪاري ايندڙ 2 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے