بريڪنگ نيوز

ايم ڪيو ايم کي نفرت جي سياست ڇڏي عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير ,شرجيل انعام ميمڻ  چيو آهي ته يلو لائن بي آر ٽي جي ڪم جي رفتار مطمئن ڪندڙ آهي ۽ ٻن وڏن جزن تي تيزيءَ سان ڪم جاري آهي، جن ۾ ڊيپو جي تعمير ۽ ڄام صادق پل جو نئون ڍانچو شامل آهي. هن چيو تھ  حڪومت جو مقصد آهي تھ  هي منصوبو مقرر ڪيل مدي کان اڳ مڪمل ٿي وڃي تھ  جيئن ڪراچي جي شهرين کي جديد ۽ معياري پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سهولت ميسر ٿئي. سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ  ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ  ڄام صادق پل تي يلو لائن بي آر ٽي جي تعميراتي ڪم جو جائزو ورتو ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ مسئلن تي تفصيلي روشني وڌي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر وزير  شرجيل انعام ميمڻ  چيو تھ  سنڌ حڪومت جي اوليت آهي تھ  شهر جون سڀني بي آر ٽي لائينز بشمول گرين لائن، اورينج لائن، ريڊ لائن ۽ يلو لائن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو وڃي، جنهن سان ڪراچي ۾ ٽرئفڪ جي دٻاءُ ۾ نمايان گهٽتائي ايندي ۽ شهرين کي آلودگي کان پاڪ سفر جي سهولت ملندي. هن ٻڌايو تھ  يلو لائن ۽ ٻين بي آر ٽي منصوبن ۾ اليڪٽرڪ بسون (EV buses) متعارف ڪرايون پيون وڃن، جيڪي ماحول دوست آهن. ريڊ لائن بي آر ٽي جي حوالي سان سوال تي شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ  اتي ڪجهھ چئلينجز ضرور هئا پر هاڻي تعميراتي ڪم جي رفتار ٻيهر تيز ڪئي وئي آهي ۽ ترقي اطمينان جوڳي آهي. هن چيو تھ  سنڌ حڪومت آگسٽ مهيني ۾ ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بسون ۽ پاڪستان جي پهرين اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس (EV Taxi) شروع ڪرڻ واري آهي. وڌيڪ، عورتن لاءِ خصوصي طور تي پنڪ EV اسڪوٽرز مفت فراهم ڪيا ويندا، جيئن انهن کي محفوظ ۽ آسان ٽرانسپورٽ جي سهولت ملي سگهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ  اهي سڀ قدم سنڌ حڪومت جي ويزن جو حصو آهن، جيئن ڪراچي ۾ ماحولياتي آلودگي کي گهٽايو وڃي ۽ جديد ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر مهيا ڪيو وڃي. سينيئر وزير  شرجيل انعام ميمڻ  چيو تھ  حيدرآباد ۾ مينهن پوڻ کان پوءِ گهڻن علائقن مان پاڻي ڪڍي ڇڏيو ويو آهي، پر حيسڪو جي بجلي جي معطلي سبب نيڪاسي ۾ ڪجهھ مشڪلاتون پيش آيون. انتظاميه جنريٽرز جو استعمال ڪري متاثر علائقن مان پاڻي ڪڍيو ۽ اميد آهي تھ  اڄ شام تائين باقي علائقن ۾ به پاڻي جي نيڪال جو ڪم مڪمل ٿي ويندو. شرجيل انعام ميمڻ  چيو تھ  سنڌ حڪومت پنهنجي دور ۾ ڪراچي ۾ هزارين ڪلوميٽرن روڊن جي تعمير ۽ صفائي جي منصوبن کي مڪمل ڪيو آهي. هن چيو تھ  ڪراچي جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪچرو هو جنهن تي هاڻي ضابطو آندو ويو آهي ۽ روزانو صفائي جو نظام فعال آهي. صحافين جي سوالن جو جواب ڏيندي هن چيو تھ  خيبرپختونخوا حڪومت کي ان جي مينڊيٽ مطابق ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، جڏهن تھ  علي امين گنڊاپور اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ايم ڪيو ايم جي حوالي سان هن چيو تھ  انهن کي نفرت جي سياست ڇڏي عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي پي ٽي آئي جي باني جي ٻارن بابت هن چيو تھ  جيڪڏهن اهي پاڪستان اچڻ چاهين ۽ سياست ۾ حصو وٺڻ چاهين ته انهن کي اجازت ملڻ گهرجي، پر انتشار جي سياست هرگز برداشت نه ڪئي ويندي. لياري ۾ عمارت جي ڪرڻ جي واقعي تي  شرجيل انعام ميمڻ  چيو تھ  هي عمارت غير قانوني طور تي تعمير ڪئي وئي هئي ۽ ان جو ڪو نقشو منظور ٿيل نه هو. هن تحقيقاتي ڪميٽي جي قيام ۽ ڪجهه ماڻهن جي گرفتاري جي به تصديق ڪئي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي آءِ اي جي نجڪاري ايندڙ 2 کان 3 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حدف مقرر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) حڪومت قومي ايئر لائين پي آءِ اي جي نجڪاري ايندڙ 2 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے