اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) حڪومت قومي ايئر لائين پي آءِ اي جي نجڪاري ايندڙ 2 کان 3 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حدف مقرر ڪري ڇڏيو آهي تفصيل موجب پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، هينئر تائين 5 پارٽين ايئر لائين جي لاءِ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي جن مان 4 کي اسڪروٽني ڪميٽي جانچ پڙتال جي لاءِ اهل قرار ڏنو آهي. اهڙين شارٽ لسٽڊ ٻولي ڏيندڙن کي اڱاري جي ڏينهن پي آءِ اي جي مالياتي ۽ عملياتي رڪارڊ تائين پهچ ڏني وئي آهي انهي حوالي سان قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار جي صدارت هيٺ ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي نجڪاري ڪميشن جي سيڪريٽري عثمان باجوه بريفنگ ڏني. عثمان باجوه ٻڌايو ته حڪومت جو مقصد آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري سال 2025 جي آخري ٽن مهينن تائين مڪمل ڪئي ويندي پر هن زور ڏنو ته جيستائين سرمائيڪاري مڪمل طور تي مطمئن نه هجي ڪوبه فيصلو نه ڪيو ويندو سيڪريٽري عثمان باجوه موجب ڪامياب ٻولي ڏيندڙن کي پي آءِ اي جي ٻيڙن کي موجوده 19 جهازن مان وڌائي گهٽ ۾ 45 جهازن تائين واڌ ڏيڻي پوندي. ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ميمبرن پي ٽي آءِ اي جي ملازمن جي نوڪرين جي تحفظ تي زور ڏيندي 3 کان 5 تائين تائين نوڪري جي ضمانت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته ملازمن جي فلاح کي اولين ترجيح ڏيڻ گهرجي انهي موقعي تي سيڪريٽري نجڪاري ڪميشن اسيمبلي ميمبرن کي يقين ڏياريو ته نجڪاري جي معاهدي ۾ ملازمن جي تحفظ کي آڏو رکيو ويو آهي ايئرلائين جي عملي جو انگ اڳ ئي 11 هزار کان گهٽ ڪري 6 هزار ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪستان جي مشهور بزنس گروپ ايئرلائن ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي آهي ڇو ته انهي وٽ آپريشن کي بهتر بنائڻ جي لاءِ سرمائيڪاري موجود آهي جڏهن ته علاقائي ايئر لائنز کي به ٻولي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي آهي پي آءِ اي جي سي اي او ڪميٽي کي ٻڌايو ته ايئر لائين جون فرانس جي لاءِ اڏامون بحال ڪيون ويون آهن ۽ مانجسٽر جي لاءِ اڏامون به جلد ٻيهر شروع ٿيڻ جي اميد آهي. هن دعويٰ ڪئي ته پي آءِ اي جي ڪارڪردگي گذريل سال جي نسبت ڪافي بهتر ٿي آهي. ٻئي طرف ڪميٽي کي اهو به ٻڌايو ويو ته نيويارڪ ۾ واقع تاريخي روز ويلٽ هوٽل جي لاءِ دلچسپي جون درخواستون آگسٽ ۾ طلب ڪيون وينديون ۽ روز ويلٽ هوٽل جي لاءِ مالي صلاحڪار ٽرانزيڪشن اسٽرڪچر کي حتمي شڪل ڏئي رهيو آهي
