ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ناڻي وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته منهنجي راءِ ۾ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جي گنجائش موجود آهي، پر ان بابت حتمي فيصلو اسٽيٽ بئنڪ ئي ڪندي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير ناڻ چيو ته حڪومت جي معاشي قدمن سبب معيشت هاڻ استحڪام طرف وڌي رهي آهي، اسان معاشي رستي ۾ ايندڙ رنڊڪن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.سندس چوڻ هو ته مقامي ۽ عالمي سيڙپڪارن کي گڏ کڻي هلي رهيا آهيون، مالي سال 30 جون تي ختم ٿيو، جنهن دوران ملٽي نيشنلز 2.3 ارب ڊالر جو منافعو ملڪ کان ٻاهر موڪلي چڪيون آهن، هاڻ پرڏيهي سيڙپڪارن جو منافعو ٻاهر وڃڻ ، ايل سي نه کلڻ وارا مسئلا به ختم ٿي ويا آهن.محمد اورنگزيب چيو ته بئنڪون سيڙپڪارن سان گڏجي بيمار صنعتي يونٽن کي بحال ڪن.سندس چوڻ هو ته ايف بي آر جي واڌو اختيارن جو لاڳاپو انڪم ٽيڪس نه پر سيلز ٽيڪس سان آهي.هن وڌيڪ چيو ته اڄ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ۽ ڪمرشل بئنڪن جي صدرن سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ پڇيو ويو ته بئنڪ معاشي استحڪام لاءِ ڇا ڪري سگهن ٿا، ڇو ته معاشي واڌاري ۾ بئنڪن جو اهم ڪردار آهي.وفاقي وزير موجب، حڪومت پنهنجا خرچ گهٽايا آهن ۽ گردشي قرضن کي به گهٽايو پيو وڃي.سندس چوڻ هو ته نجڪاري واري عمل ۾ بئنڪن جو اهم ڪردار هئڻ گهرجي ۽ بيمار صنعتن کي ٻيهر فعال ڪرڻ لاءِ به بئنڪون اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.هڪ سوال جي جواب ۾ محمد اورنگزيب چيو ته جيتري به گنجائش هئي، پگهاردار طبقي رليف ڏئي چڪا آهيون، سندن لاءِ ٽيڪس گوشوارن جو فارم سولو بڻايو ويو آهي، جيڪو ايف بي آر جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيو ويو آهي، اهو فارم ننڍن واپارين ۽ ايس ايم ايز کي به ڏنو ويندو.
