بريڪنگ نيوز

پنجاب اسيمبلي نااهلي ريفرنس معاملو، ڳالهين لاءِ ڌار ڌار ڪميٽيون قائم

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي معطل ميمبرن خلاف نااهلي ريفرنس واري معاملي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر طرفان ڳالهين لاءِ الڳ الڳ ڪميٽيون جوڙي ويون آهن.ذريعن موجب، ريفرنس واري معاملي تي حڪومتي ۽ اپوزيشن ڌُرين جي ڳالهه ٻولهه لاءِ ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن، حڪومتي ڪميٽي ۾ مجتبيٰ شجاع الرحمان، سلمان رفيق، رانا ارشد، سميع الله ۽ احمد اقبال شامل آهن.ان کانسواءِ علي حيدر گيلاني، شافع حسين ۽ شعيب صديقي به حڪومتي ڪميٽي جو حصو بڻايا ويا آهن، جڏهن ته مخالف ڌر طرفان اپوزيشن ليڊر احمد ڀچر مذاڪراتي ٽيم جي قيادت ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن ڪميٽي ۾ علي امتياز، شيخ امتياز ۽ اعجاز شفيع جا نالا اڄ اسپيڪر کي موڪليا ويندا.ذريعن موجب، اپوزيشن ۽ حڪومتي اتحاد جي ڳالهين واري ڪميٽي جو ٻيو اجلاس آچر (سڀاڻي) تي ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب ٿيون ته اسپيڪر معطل ميمبرن خلاف ريفرنس واپس وٺي سگهي ٿو.ياد رهي ته 27 جون تي ٿيندڙ اسيمبلي اجلاس دوران اپوزيشن ميمبرن گوڙ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ اسپيڪر 26 اپوزيشن ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪندي، سندن نااهلي لاءِ ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪلڻ جو اعلان ڪيو هو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے