بريڪنگ نيوز

پنجاب اسيمبلي نااهلي ريفرنس معاملو، ڳالهين لاءِ ڌار ڌار ڪميٽيون قائم

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي معطل ميمبرن خلاف نااهلي ريفرنس واري معاملي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر طرفان ڳالهين لاءِ الڳ الڳ ڪميٽيون جوڙي ويون آهن.ذريعن موجب، ريفرنس واري معاملي تي حڪومتي ۽ اپوزيشن ڌُرين جي ڳالهه ٻولهه لاءِ ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن، حڪومتي ڪميٽي ۾ مجتبيٰ شجاع الرحمان، سلمان رفيق، رانا ارشد، سميع الله ۽ احمد اقبال شامل آهن.ان کانسواءِ علي حيدر گيلاني، شافع حسين ۽ شعيب صديقي به حڪومتي ڪميٽي جو حصو بڻايا ويا آهن، جڏهن ته مخالف ڌر طرفان اپوزيشن ليڊر احمد ڀچر مذاڪراتي ٽيم جي قيادت ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن ڪميٽي ۾ علي امتياز، شيخ امتياز ۽ اعجاز شفيع جا نالا اڄ اسپيڪر کي موڪليا ويندا.ذريعن موجب، اپوزيشن ۽ حڪومتي اتحاد جي ڳالهين واري ڪميٽي جو ٻيو اجلاس آچر (سڀاڻي) تي ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب ٿيون ته اسپيڪر معطل ميمبرن خلاف ريفرنس واپس وٺي سگهي ٿو.ياد رهي ته 27 جون تي ٿيندڙ اسيمبلي اجلاس دوران اپوزيشن ميمبرن گوڙ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ اسپيڪر 26 اپوزيشن ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪندي، سندن نااهلي لاءِ ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪلڻ جو اعلان ڪيو هو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے