بريڪنگ نيوز

سپريم جوڊيشل ڪونسل: ججز خلاف شڪايتون اُڪلائڻ تي سندس نالا عوام آڏو نه آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم جوڊيشل ڪونسل فيصلو ڪيو آهي ته جن ججز جي خلاف شڪايتون اڪلايون وينديون آهن انهن جا نالا عوام آڏو نه آندا ويندا. سپريم جوڊيشل ڪونسل جو اهم اجلاس چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ ٿيو جنهن ۾ ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر ڪونسل ميمبر جي حيثيت سان جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عاليه، نيلم ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس جنيد غفار به شريڪ ٿيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته سپريم جوڊيش: ڪونسل جي اجلاس ۾ ججز جي خلاف شڪايتن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ شڪايت کي منهن ڏيندڙ ججز جي خلاف شڪايتون اُڪلائڻ تي انهن جا نالا عوام آڏو نه آڻڻ تي غور ڪيو ويو.سپريم جوڊيشل ڪونسل ججز جي خلاف شڪايتون اُڪلائڻ تي انهن جا نالا عوام آڏو آڻڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي. ذريعن موجب ڪونسل فيصلو ڪيو ته جن ججز جي خلاف شڪايتون اڪلايون وينديون آهن انهن جا نالا عوام آڏو نه آندا ويندا.جنهن کان پوءِ سپريم جوڊيشل ڪونسل اجلاس جي پڌرائي جاري ڪئي وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ جسٽس منصور علي شاهه وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ جسٽس منيب اختر به شريڪ ٿيو.پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته سپريم جوڊيشل ڪونسل سيڪريٽريٽ سروس رولز 2025 جي گڏيل مسودي جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ انڪوائري جي طريقه ڪار ۽ ضابطه اخلاق ۾ ترميم کي قانوني ۽ مسوده نويسي جي رخن کان وڌيڪ غور وفڪر جو متقاضي قرار ڏنو ويو.سپريم جوڊيشل ڪونسل جي پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪونسل آئين جي آرٽيڪل 209 جي تحت مختلف ماڻهن طرفان داخل ڪيل 24  شڪايتن جو به جائزو ورتو ۽ ڪونسل گڏيل طور تي ججز خلاف 19 شڪايتن کي به  گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سپريم جوڊيشل ڪونسل ٻين 5 شڪايتن کي في الحال ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

گرفتاريون ممڪن نھ آھن، ايئن ٿيڻ وارو ناھي: بيرسٽر گوھر

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوھر چيو آھي تھ گرفتاريون ممڪن نھ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے