بريڪنگ نيوز

اسان کي عوام جو ساٿ کپي، بوٽن اڳيان ويهي حڪومت نه گهرنداسين: فضل الرحمان

پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ تبديلي اسان جي ترجيح آهي، اسان کي عوام جو ساٿ کپي، بوٽن اڳيان ويهي حڪومت نه گهرنداسين.پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته حالتون گهڻيون خراب آهن، تازي خبر ته سدائين بدامني جي ئي هوندي آهي، باجوڙ ۾ اي اين پي ڪارڪن جي شهادت، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ بدامني آهي، اسان کي ته اها به خبر آهي ته حڪمران شدت پسندن کي ڀتو ڏيندا آهن.هن چيو منهنجي ترجيح آهي ته صوبي ۾ تبديلي اچي، جيڪڏهن پارٽي جي اندران تبديلي اچي ته به ٺيڪ آهي، تبديلي ضروري آهي ڀلي اها ٻاهران اچي يا پارٽي جي اندران، عمران خان جا ٻار پاڪستان اچن ٿا ته ڪو اعتراض ناهي.سندس چوڻ هو ته صوبائي حڪومت هجي يا وفاقي، سڀ وڪاميل آهن، اسان بوٽن اڳيان ويهي حڪومت نه گهرنداسين، اسان کي عوام جو ساک کپي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام احتجاج جي ڪال رد ڪري ڇڏي، بي مقصد احتجاج جي ڪالن جو اهو ئي نتيجو نڪري ٿو: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے