بريڪنگ نيوز

پاڪستان وسيلن سان مالامال آهي، نوجوان افرادي قوت ملڪ جو سڀ کان وڏو قيمتي اثاثو آهن: وزيراعظم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان وسيلن سان مالامال آهي، نوجوان افرادي قوت ملڪ جو سڀ کان وڏو قيمتي اثاثو آهن، فرسوده نظام کي اصلي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي ممڪن نه آهي، وزارتن جي ڪارڪردگي وڌائڻ ۽ هر شعبي جي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ سڌاراجاتي عمل ڪيو وڃي، بهترين افرادي قوت جي ڀرتين، وزارتن کي جديد نظام سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ سڌارن سان گورننس جي بهتري جي تجويزن جي حوالي سان ڪميٽي قائم ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڊاڪٽر مصدق ملڪ، احد خان چيما، سردار اويس احمد خان لغاري، شزه فاطمه خواجه، علي پرويز ملڪ، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، چيف ڪوآرڊينيٽر مشرف زيدي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بجلي واري وزارت پاران گورننس جي بهتري ۽ سڌارن جي لاءِ ماهرن تي ٻڌل نظام تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيشنل اليڪٽرڪ سٽي پلان تحت وزارت ۾ 134 اسٽريٽجڪ هدايتن تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويو، جنهن ۾ پاليسي وزارت، نگراني ۽ مستقبل جي منصوباسازي جڏهن ته شعبي جي ماهرن تي ٻڌل ٽيڪنيڪل عملدرآمد، جدت ۽ منصوبابندي ڪري رهيا آهيون. اجلاس جي شعبي جي ماهرن جي پروفائيلز ۽ لاڳو ٿيل نظام تحت وزارت جي موجوده ورڪنگ جي حوالي سان پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته 7 ڏهاڪن کان هن ملڪ کي جنهن نظام سان هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ان سان پاڪستان جي ترقي ممڪن نه آهي، فرسوده نظام کي اصلي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي ممڪن نه آهي، پاڪستان وسيلن سان مالامال آهي، پاڪستان جي نوجوان افرادي قوت پاڪستان جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته باصلاحيت پاڪستاني سڄي دنيا ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ فرسوده نظام کي جديد، ڊيجيٽل ۽ موثر گورننس جي نظام ۾ تبديل ڪرڻ شامل آهي. بجلي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري ۽ سندس ٽيم جي اڻٿڪ محنت ساراهه جي لائق آهي. وزيراعظم چيو ته نظام جي تبديلي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن جي معاونت انتهائي ضروري آهي. بجلي واري وزارت جي سڌارن، نقصان ۾ گهٽتائي ۽ قومي ناڻي کي اربين رپين جي بچت باقي وزارتن جي لاءِ قابل تقليد مثال آهي. شعبي جي ماهرن ۽ ڪنسلٽنٽس جديد دور جي گهرجن موجب سڌارن سان نئين سوچ ۽ گورننس جي طريقيڪار کي لاڳو ڪرڻ ۾ مددگار بڻجندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بهترين افرادي قوت جي ڀرتين، وزارت کي جديد نظام سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ سڌارن سان گورننس جي بهتري جي تجويز جي حوالي سان ڪميٽي قائم ڪئي وڃي. ڪميٽي بجلي واري وزارت جي سڌارن کي نظر ۾ رکندي باقي وزارتن ۽ ادارن جي نئين سر تنظيم سازي جي حوالي سان قابل عمل تجويزن کي حتمي شڪل ڏيندي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

آبادي ۾ تيز رفتار اضافو قومي ترقياتي عمل ۾ وڏي رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي عوام جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے