بريڪنگ نيوز

ڀارت نه پاڪستان جو پاڻي روڪي سگهي ٿو ۽ نه ئي ان جو رخ موڙي سگهي ٿو: نائب وزيراعظم

ڪوالالمپور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪ-ڀارت ملٽري ٽو ملٽري سيز فائر ٺيڪ هلي رهيو آهي، پر ڀارتي سياسي قيادت کي اها ڳالهه هضم نه پئي ٿئي.ملائيشيا جي راڄڌاني ڪوالالمپور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ڏکئي معاشي حالتن ۾ به ٽيڪ آف ڪيو آهي هاڻ پاڪستان کي ”جي ٽوئنٽي“ ملڪن ۾ شامل ڪرائڻ اسان جو هدف آهي.اسحاق ڊار چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪري عجيب حرڪت ڪئي، ڀارت نه پاڪستان جو پاڻي روڪي سگهي ٿو ۽ نه ئي ان جو رخ موڙي سگهي ٿو.سندس چوڻ هو ته ڀارت طرفان کنيل قدمن تي پاڪستان ڀرپور جواب ڏنو ۽ سنڌ طاس معاهدي بابت پاڪستان، ڀارتي ايئر لائنز لاءِ فضائي حدون بند ڪيون، ڀارت هاڻ عالمي سطح تي اڪيلو ٿي ويو آهي.نائب وزيراعظم چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڀارت کي ڀرپور جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ پاڪستان جي بهادر پائلٽن ڀارت جا 6 جهاز ڪِيرايا، جن ۾ 4 رافيل جهاز پڻ شامل هئا.هن چيو ته ڀارت پنهنجي ٻن ميزائلن کي سکن جي آبادي تي ڄاڻي واڻي ڪِيرايو، پر ڀارتي بيانئي کي عالمي سطح تي ڪائي موٽ نه ملي.سندس چوڻ هو ته صبح جو اٺ لڳي پندرنهن منٽن آمريڪي پرڏيهي وزير فون تي ٻڌايو ته ڀارت جنگبندي چاهي ٿو، جنگ جي شروعات به ڀارت ڪئي هئي ۽ ختم ڪرڻ جي اپيل به ڀارت ئي ڪئي.هن چيو ته پاڪ-ڀارت ملٽري ٽو ملٽري سيز فائر ٺيڪ هلي رهيو آهي، پر ڀارتي سياسي قيادت کي اها ڳالهه هضم نه پئي ٿئي، ٻنهي ملڪن جون فوجون پنهنجي پوزيشن به تبديل ڪري چڪيون آهن، اسان جو ميزائل پروگرام پاڪستان جي حفاظت جي ضمانت آهي.نائب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪابل وڃي چانهه پيئڻ ۽ دهشتگردن لاءِ سرحد کولڻ سان پاڪستان کي نقصان ٿيو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

آبادي ۾ تيز رفتار اضافو قومي ترقياتي عمل ۾ وڏي رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي عوام جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے