بيجنگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان هڪ اهڙي قوم آهي جيڪا تهذيبن جي سنگم تي واقع آهي، سي پيڪ تهذيبن کي ڳنڍڻ جو رستو آهي، اسان موهن جو دڙو ۽ ٽيڪسلا جهڙن تاريخي ورثن جا وارث آهيون، هي اهي تهذيبون آهن جيڪي رڳو تاريخ جو باب نه پر اسان جي شعور، هنر ۽ نوجوانن جي فڪر ۾ زندهه آهن، حڪومت ثقافت ۽ ورثي جي ڊيجيٽلائيزيسن جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، مستقبل ڊيجيٽل رابطن ۾ آهي، ڊيجيٽل ميڊيا اسان جو نئون لنگهه آهي، عالمي تهذيبي قدمن جو ويزن پيش ڪرڻ تي صدر شي جن پنگ کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”سولائيزيشن ايڪسچينج اينڊ ميوچل لرننگ – ثقافتي وراثت ۽ جدت“ جي موضوع تي منعقد فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير فورم ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن، ماهرن ۽ محققين جي آڏو پاڪستان ۽ چين جي تاريخي، ثقافتي ۽ تهذيبي رابطن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته اڄ هن فورم ۾ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جوڳو آهي، چين کي اسان سدائين پنهنجو آئرن برادر چوندا آهيون، آئرن برادرز اينڊ سسٽرز جي اصطلاح رڳو لفظن نه پر هڪ گهري تاريخي، ثقافتي ۽ تهذيبي وابستگي جي علامت آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستا ۽ چين رڳو پاڙيسري ملڪ نه آهن پر اسان جون سرحدون، جبل ۽ درياءَ به هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن جيڪي صدين تي ٻڌل هڪ عظيم تهذيب کي پاڻ سان گڏ کڻي وهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان واديءَ سنڌ جي عظيم تهذيب جو وارث آهي ۽ ان تهذيب جي شروعات چين کان ٿئي ٿي. قديم شاهراهه ريشم اڄ چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي جيڪو رڳو واپاري منصوبو نه آهي پر تهذيبن کي ڳنڍڻ جو رستو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هڪ اهڙي قوم آهي جيڪا تهذيبن جي سنگم تي واقع آهي، اسان جو عظيم ثقافتي ورثو اڄ ڊيجيٽل دور ۾ هڪ نئين جدت سان زندهه ٿي رهيو آهي، اسان جو ملڪ قديم گنڌارا تهذيب جو گهر آهي جتي ٻڌمت جي هزارين سال پراڻا آثار اڄ به محفوظ آهن، اسان موهن جو دڙو ۽ ٽيڪسلا جهڙن تاريخي ورثن جا وارث آهيون، هي اهي تهذيبون آهن جيڪي رڳو تاريخ جو باب نه پر اڄ به اسان جي شعور، اسان جي هنر ۽ اسان جي نوجوانن جي فڪر ۾ زندهه آهن. هن چيو ته حڪومت ثقافت ۽ ورثي جي ڊيجيٽلائيزيشن جو عمل شروع ڪيو آهي، نئين نسل جي موقعو ڏيڻو پوندو ته اها نئين سوچ ۽ نوان انداز فراهم ڪري. هن چيو ته اسان جو ورثو اسان جي شاعري، هٿ جا هنر ۽ اسان جي نوجوانن جي خوابن ۾ زندهه آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير صدر شي جن پنگ جي گلوبل سولائيزيشن انيشي ايٽو کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اڄ اسان انهي ويزن جي عملي تصوير بڻجي هتي موجود آهيون. پنهنجي ذاتي تجربي جو حوالو ڏيندي هن چيو ته 2009ع ۾ هو پهريون ڀيرو عوامي مٽاسٽا پروگرام تحت چين آيو هو ۽ اڄ هو هڪ پاليسي ساز جي حيثيت سان هتي موجود آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان ۽ چين جي حصيداري رڳو حڪومتي سطح تائين محدود ناهي رهي، اسان چائنا ميڊيا گروپ سان حصيداري سان ڪيترن ئي اهڙن پروگرامن جي شروعات ڪئي جيڪي اسان جي نوجوانن کي روشن، باسعور ۽ بااختيار بڻائي رهيا آهن. هن Hi China Hi Pakistan پروگرام ۽ Hua Shang Weekly جي اشاعت جو ذڪر ڪندي ٻنهي قومن جي وچ ۾ رابطي کي وڌيڪ مضبوط قرار ڏنو. هن چيو ته Hi China, Hi Pakistan هڪ اهڙو پروگرام آهي جيڪو دوستي، تفهيم ۽ گڏيل احترام کي فروغ ڏي ٿو، انگريزي ۽ چيني زبان ۾ پاڪستان مان شايع ٿيندڙ Hua Shang Weekly ٻنهي قومن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي رياستي نشرياتي ادارن جي وچ ۾ تعاون جا معاهدا ڪيا ويا آهن ۽ هاڻي گڏيل ڊاڪيومينٽري ۽ فلم سازي طرف اڳڀرائي ٿي رهي آهي. اسان جو ايندڙ هدف ڊيجيٽل ميڊيا انفلوئنسرز جي مٽاسٽا آهي ته جيئن پاڪستان ۽ چين جا نوجوان گڏجي سوشل ميڊيا جي ذريعي ثقافت، سياحت، تاريخ کي دنيا آڏو پيش ڪري سگهن. وفاقي وزير چيو ته مستقبل هاڻي ڊيجيٽل رابطن ۾ آهي، ڊيجيٽل ميڊيا اسان جون نئون لنگهه آهي، اهڙو لنگهه جيڪو ثقافت، دوستي ۽ ترقي کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو. پنهنجي خطاب جي پڄاڻي تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان هڪ اهڙي پرامن مستقبل جا خواهشمند آهيون جتي پاڻي کي هٿيار بدران امن جو ذريعو بڻايو وڃي، اسان واديءَ سنڌ جا ماڻهو آهيون، تهذيب جا وارث آهيون. هن صدر شي جن پنگ جي ويزن، فورم جي انعقاد تي سمورن شرڪت ڪندڙن ۽ ميزبان ملڪ جا ٿورا مڃيا.
