بريڪنگ نيوز

سنڌ انرجي ڪانفرنس، وفاقي پاليسيون توانائي شعبي جي واڌاري ۾ رنڊڪ آهن: مراد علي شاهه

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ قدرتي وسيلن جهڙوڪ ڪوئلو، گئس، ونڊ ۽ سولر انرجي جي ڪري پاڪستان جي "انرجي باسڪٽ” طور وڏي اهميت رکي ٿو، پر بدقسمتي سان وفاقي پاليسين جي ڪري توانائي شعبي ۾ ترقي کي سخت چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. توانائي جي مختلف شعبن بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ٿر جو ڪوئلو، جيڪو دنيا جو سستو ترين ذريعو آهي، گذريل ڇهن سالن ۾ 30 ملين ٽن آءِ پي پيز کي مهيا ڪيو ويو آهي، جنهن مان 31 گيگا واٽ بجلي پيدا ڪئي وئي آهي جيڪا 30 لک گهرن کي بجلي فراهم ڪري رهي آهي. هن اعلان ڪيو ته ٿر جي ڪوئلي کي عالمي منڊين تائين پهچائڻ لاءِ 105 ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي لائن تعمير ڪئي پئي وڃي، جيڪا هڪ گيم چينجر ثابت ٿيندي. سيد مراد علي شاهه وفاق جي مخالفتن جو ذڪر ڪندي چيو ته 1996ع ۾ حڪومت جي تبديلي کانپوءِ سيڙپڪارن جي بيزاري ۽ شمسي وائي پروجيڪٽس جي مخالفت سبب سنڌ کي ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. وڏي وزير چيو ته سنڌ وٽ گئس ۽ ڪوئلي جا وڏا ذخيرا موجود آهن، خاص طور تي ٿر جو ڪوئلو ايندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ملڪ جي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿو. سنڌ رينيوبل انرجي جي شعبي ۾ به اڳڀرو آهي، جتي ونڊ ڪوريڊور ۽ ڪيترائي سولر منصوبا هلندڙ آهن، جيڪي صاف توانائي جي واڌاري ۽ فوسل فيول تي انحصار گهٽائڻ لاءِ اهم آهن. هن ٻڌايو ته سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (ايس ٽي ڊي سي) ۽ سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (سيپرا) جو قيام توانائي جي منتقلي ۽ ريگيوليٽري خودمختياري لاءِ اهم قدم آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته حڪومت پبلڪ ۽ پرائيويٽ شعبي سان گڏجي پائيدار پاليسيون ترتيب ڏئي رهي آهي، ته جيئن سنڌ جي هر گهر تائين سستي ۽ قابل اعتماد بجلي پهچائي سگهجي. هن نوري آباد رٿا جي ڪاميابي تي روشني وجهندي چيو ته ڪراچي کي 100 ميگا واٽ سستي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ماضي ۾ جڏهن هي اسڪيم حيسڪو کي پيش ڪئي وئي ته انهن انڪار ڪندي چيو ته انهن وٽ سرپلس بجلي آهي، جنهن کانپوءِ سنڌ پنهنجي ٽرانسميشن ڪمپني قائم ڪئي وڏي وزير ونڊ ۽ سولر انرجي جي شعبي ۾ صوبائي اڳواڻي جو ذڪر ڪندي چيو ته ٿر ڪول ۽ ونڊ پروجيڪٽس مان حاصل ٿيندڙ بجلي نيشنل گرڊ ذريعي پنجاب تائين پهچائي پئي وڃي. صوبائي بجيٽ ۾ سولر انرجي لاءِ 2.5 ارب رپيا رکيا ويا آهن ۽ پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ٿر جي مستحق ماڻهن لاءِ 200 يونٽ بجلي جا بل سنڌ حڪومت ادا ڪري رهي آهي. توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه به خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ماحول دوست، سستي ۽ موثر توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن ٻڌايو ته ڪراچي لاءِ ٻه سولر پارڪس، حيدرآباد لاءِ مانجهند ۽ سکر يا لاڙڪاڻو لاءِ سولر پارڪ جوڙيا پيا وڃن. وڏين صنعتن کي مرحليوار گرين انرجي تي منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ غريب ماڻهن کي مفت سولر سسٽم فراهم ڪيا پيا وڃن. ڪانفرنس ۾ گڏيل طور تي سنڌ جي توانائي وسيلن، عملي قدمن، ۽ وفاقي پاليسين جي ڪري درپيش رنڊڪن تي تفصيل سان روشني وڌي وئي. سيد مراد علي شاهه وفاق کان مطالبو ڪيو ته هو ترقي جي هن سفر ۾ سنڌ سان ڀرپور سهڪار ڪري ته جيئن پاڪستان جي توانائي جون ضرورتون بهتر طريقي سان پوريون ڪري سگهجن

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے