اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسان کي مڪمل طور تي علم آهي صدر زرداري ، وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف کي نشانو بڻائيندڙ ناپاڪ مهم جي پٺيان ڪير آهي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ محسن نقوي چيو ته مان واضع طور تي چئي چڪو آهيان ته نه ته ان بابت نه ڪا ڳالهه ٿي آهي نه ئي صدر کان استعفيٰ وٺڻ يا چيف آف آرمي اسٽاف جي صدر بڻجڻ جي ڪا ئي تجويز غور هيٺ آهي هن چيو ته پاڪستان جي صدر کي هٿياربند فوج جي قيادت سان هڪ مظبوط ۽ وقار تعلق حاصل آهي هن صاف لفظن ۾ چيو آهي ته مون کي معلوم آهي ته هي ڪوڙ ڪير ڀڙي رهيو آهي اهو ائين ڇو ڪري رهيو آهي ۽ ان پروپيگنڊا سان ڪنهن کي فائدو ٿيندو چيف آف آرمي اسٽاف جو هاڻي رڳو ڌيان پاڪستان جي طاقت ۽ استحڪام تي آهي ٻئي ڪنهن شيءَ تي ناهي هن چيو ته جيڪي ماڻهون اهڙِي بيانيي جو حصواسان انشاالله پاڪستان کي ٻيهر مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪنهن وس کان نه گهٽائينداسين
