بريڪنگ نيوز

بلاول ڀٽو نه رڳو نوجوان قيادت جو نمائندو آھي، پر پاڪستان جي لاءِ ھڪ باوقار عالمي آواز به آھي: شرجيل

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاڪستان پيپلز پارتي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪرن ٿاپر کي ڏنل انٽرويو کي پاڪستان جي ھڪ وڏي سفارتي ڪاميابي قرار ڏنو آھي. پنھنجي بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته بلاول ڀٽو نه رڳو نوجوان قيادت جو نمائندو آھي، پر پاڪستان جي لاءِ ھڪ باوقار عالمي آواز به آھي، دھشتگردي جھڙي نھايت حساس موضوع تي بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جو ڪيس جنھن اعتماد، تياري ۽ تدبر سان پيش ڪيو اھو واکاڻ جوڳو آھي.  شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو ته ڪرن ٿاپر جھڙي سخت گير ۽ تجربي ڪار صحافي جي سامھون ان اعتماد سان ڳالھائڻ ۽ کيس دفاعي پوزيشن تي آڻڻ بلاول ڀٽو جي سياسي بصيرت ۽ سفارتي مھارت جو ثبوت آھي. انٽرويو دوران ڪرن ٿاپر ھر ھر الجھندو رھيو ۽ غير متوازن نظر آيو، جڏھن ته بلاول ڀٽو پوري مڪالمي ۾ مدلل، پراعتماد ۽ واضح موقف سان نمايان رھيو. ھن چيو ته ڪرن ٿاپر اھو صحافي آھي جنھن جي انٽرويو دوران نريندر مودي مائيڪ لاھي ھليو ويو ھو ۽ اڄ چيئرمين بلاول نه رڳو سندس اڳيان ڄميل رھيو پر گفتگو جو رخ به پنھنجي ۾ موڙي ورتو، ھي انٽرويو رڳو لفظن جي ادائيگي نه  پر پاڪستان جي اثرائتي سفارتي نمائندگي ھُئي، جنھن جي اڄ عالمي منظرنامي سخت ضرورت ھُئي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو رڳو ھڪ سياستدان ئي نه پر ٽن نسلن جي سياسي ۽ نظرياتي تسلسل جو وارث آھي، پيپلز پارٽي جي قيادت  عارضي مقبوليت جي بنياد تي سياست ناھي ڪندي، اھا تاريخ جي شعور سان اڳتي وڌندي رھي آھي. سندس چوڻ ھو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جو ھڪ انٽرويو سياسي بلوغت، نظرياتي پختگي ۽ ڀرپور تياري جو مظھر ھو، ھي رڳو ھڪ ميڊيا سيشن نه پر پاڪستان جي تاريخ، موقف ۽ ويزن جي مڪمل ترجماني ھو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي جو موقف سدائين دھشتگردي، ڪشمير ۽ ڀارت سان لاڳاپن جھڙن اھم معاملن تي واضح ۽ اصولي رھيو آھي، پارٽي ھر سطح تي دھشتگردي جي خلاف اثرائيتي مزاحمت ڪئي آھي ۽ اُن جي قيادت پاڻ ھن جنگ ۾ قربانيون ڏيندي آئي آھي. ھن چيو ته جڏھن بلاول ڳالھائيندو آھي ته ھو رڳو ھڪ فرد نه پر ھڪ نظرئي، تاريخ ۽ عوامي جدوجھد جي ٻولي ڳالھائيندو آھي، چيئرمين بلاول ڀٽو دُني اکي اھو باور ڪرايو ته پاڪستان دفاعي نه، پر دليل، اصول ۽ تاريخ سان پنھنجي پرڏيھي پاليسي اڳتي وڌائي رھيو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته ڀارت سان واپار، گيس پائيپ لائن منصوبي ۽ ڪشمير مسئلي جھڙن معاملن تي پيپلز پارٽي جو موقف سدائين قومي مفاد ۽ جمھوري اصولن تي ٻڌل رھيو آھي، ڀٽو ازم رڳو ھڪ نعرو نه پر ھڪ جامعي سياسي، سماجي ۽ معاشي نظريو آھي ۽ بلاول ڀٽو اُن نظرئي جي تسلسل طور اُڀري رھيو آھي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان موهن جو دڙو ۽ ٽيڪسلا جهڙن تاريخي ورثن جا وارث آهيون، سي پيڪ تهذيبن کي ڳنڍڻ جو رستو آهي: عطاءُ الله تارڙ

بيجنگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے