ڪابل(مانيٽرنگ ڊيسڪ) افغان صوبي زابل ۾ ٽرڪ بم ڌماڪي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.افغان اختيارين موجب زابل ۾ انٽيليجنس ايجنسي جي آفيس ويجهو ٿيندڙ بم ڌماڪي ۾ 85 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. گورنر زابل ڌماڪي ۾ 10 ڄڻن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته ڌماڪي جو حدف انٽيليجنس سروسز جي عمارت هئي. ياد رهي ته آمريڪا ۽ افغان طالبان وچ ۾ ڳالهيون ختم ٿيڻ کان پوءِ افغانستان ۾ بم ڌماڪن ۽ ڏوهاري ڪاررواين ۾ اضافو ٿي ويو آهي.2 ڏينهن اڳ به افغانستان ۾ آمريڪي سفارتخاني ۽ صوبي پروان ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪن ۾ 49 ڄڻا مارجي ويا هئا. هڪ ڌماڪي ۾ افغان صدر اشرف غني به ذري گهٽ بچي ويو هو.
