ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني کي ٽڊاپ ڪرپشن اسڪينڊل جي 9 ڪيسز مان بري ڪيو ويو آهي وفاقي ڪرپشن جي انت واري عدالت(ڪراچي) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني کي ٽريڊ ڊوالپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان(ٽڊاپ) جي ميگا ڪرپشن بابت وڌيڪ 9 ڪيسز مان بري قرار ڏئي ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ هو گڏيل طور تي 26 مان هينئر تائين 13 ڪيسز مان بري ٿي چڪو آهي عدالت ٻڌڻي هيٺ ڪيسز ۾ استغاثه جي الزامن کي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو جنهن تي عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ فيصلو ٻڌائيندي يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين شريڪ جوابدارن کي ڪيسز مان بري ڪري ڇڏيو. جوابدارن تي الزام هو ته جعلي ڪمپنين جي ذريعي فريٽ سبسڊي جي مد ۾ 7 ارب روپين کان وڌيڪ جي رقم هڙپ ڪئي وئي يوسف رضا گيلاني ڪيسز ۾ ٻين جوابدارن سان گڏ عدالت ۾ يپش ٿيو اها ڪيسز وفاقي جاچ اداري(ايف آءِ اي) داخل ڪيا هئا جنهن جي شروعاتي جاچ 2009 ۾ شروع ٿي جڏهن ته ڪيسز 2013 ۾ داخل ڪيا ويا. . 2015 ۾ کيس انهن ڪيسز جي حتمي چالان ۾ نامزد ڪيو ويو هو عدالتي فيصلي کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي يوسف رضا گيلاني هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي خلاف الزامن کي سياسي قرار ڏيندي چيو ته 12 سالن کان اهي ڪيسز هلي رهيا هئا، اها انصاف ۾ دير آهي. هن چيو ته هي ساڳئي ڪيس آهن جنهن ۾ هڪ شاگردياڻي اڄ پراسيڪيوٽر بڻجي پيش ٿي، سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري جي صحت يا تبديلي جي حوالي سان هلندڙ خبرون صرف افواهون آهن انهن ۾ ڪنهن به قسم جي سچائي نه آهي سياسي سوالن جي جواب ۾ هن واضح ڪيو ته پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت(سي اي سي) پنجاب ۾ نئين سياسي حڪمت عملي جي حوالي سان فيصلا ڪندي ۽ حڪومت جو حصو بڻجڻ يا نه بنجڻ جو فيصلو به اهائي ڪندي. گيلاني چيو ته مان حڪومت جو ترجمان نه پر سياسٽ جو گڏيل طور تي چونڊيل چيئرمين آهيان ۽ مان سڀني کان وڌيڪ وقت تائين وزيراعظم به رهي چڪو آهيان ٻئي طرف سندس وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ٻڌايو ته ايف آءِ اي 2013 ۾ 2014 جي دوران ٽڊاپ اسڪينڊل ۾ گڏيل طور تي 26 ڪيسز داخل ڪيا هئا جن ۾ گيلاني تي 50 لک روپيه رشوت وٺڻ جو الزام هو پر ڪوبه ثبوت يا گواهي پيش نه ٿي سگهي. هن واضح ڪيو ته پئسا وٺڻ جو الزام به سڌو سنئون نه پر هڪ ٽئين شخص جي ذريعي لڳايو ويو هو فاروق ايڇ نائيڪ موجب عدالت اهڙي ئي قسم جي پهريان 3 ڪيسز ۾ گيلاني کي بري ڪري چڪي آهي جڏهن ته هاڻ 9 وڌيڪ ڪيسز جو فيصلو به انهي جي حق ۾ آيو آهي. باقي 14 ڪيسز جون اپيلون في الحال هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، جتي يا ته رڪارڊ واپس اماڻيو وڃي يا جلد کان جلد فيصلا ٻڌايا وڃن ڇو ته انهي ۾ گواهي نه هجڻ سبب ڪيسز اڳيان نه پيا وڌن
