ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ترقي ماڻيندڙ گريڊ 20 ۽ 21 جي سينئر پوليس آفيسرن لاءِ رينڪ لڳائڻ جي هڪ پروقار تقريب جي صدارت ڪئي. تقريب جو مقصد آفيسرن جي ڏھاڪن تي ٻڌل خدمتن جو اعتراف ۽ سندن محنت کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ھو. وڏي وزير ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرلز (اي آءِ جيز) ۽ ڊپٽي انسپيڪٽر جنرلز (ڊي آءِ جيز) کي سندن رينڪز لڳايا ۽ انهن جي خدمت، ايمانداري ۽ عزم جي واکاڻ ڪئي. هن موقعي تي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، گھرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، سيڪريٽري ٽو سي ايم رحيم شيخ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو ۽ ٻين سينئر پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي ۽ ترقي ماڻيندڙ آفيسرن جا گھرڀاتي به موجود هئا. گريڊ 21 ۾ ترقي ماڻيندڙ آفيسرن ۾ ذوالفقار لاڙڪ، شرجيل کرل، آزاد خان ۽ اقبال دارا شامل ھئا، جڏھن تھ گريڊ 20 ۾ ترقي ماڻيندڙ آفيسرن ۾ جنيد شيخ، عمران شوڪت، عباس رضوي، شيراز نذير، شوڪت کيتران ۽ شاد ابنِ مسيح شامل ھئا، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو تھ اها رڳو ترقي نه آهي، پر اوهان جي ذميوارين ۾ واڌ آهي. مون کي اوهان کان ايمانداري، سچائي ۽ پيشيواڻي عزم جي اميد آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، پر هاڻي ان کي مثالي بڻائڻ جو وقت آهي. وڏي وزير چيو ته هتي پهچڻ لاءِ 20 کا 22 سال جي محنت ۽ ايمانداري گهربل هوندي آهي. اها ڪاميابي اوهان لاءِ ۽ اوهان جي خاندان لاءِ فخر جو لمحو آهي. انھيءَ موقعي تي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار به آفيسرن کي واڌايون ڏنيون ۽ سندن خدمت جي واکاڻ ڪئي.
