بريڪنگ نيوز

زرعي سڌارن تي عملدرآمد جي شروعات آبادگارن کي آسان قرضن جي سهولت سان ڪئي ويندي: وزيراعظم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل مالي سال ۾ تاريخ جي بلند ترين مٽاسٽا جي ناڻي تي شڪراني جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي قابل قدر خدمتن ۽ سندن پاڪستاني معيشت ۾ اعتماد جو مظهر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته مالي سال 25 – 2024ع ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران مٽاسٽا جي ناڻي جي مد ۾ 38.3 ارب ڊالر موڪليا ويا، اهو مالي سال 24 – 2023ع جي ڀيٽ ۾ 8 ارب وڌيڪ آهي، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 26.6 سيڪڙو جو اضافو انتهائي خوش آئنده اضافو آهي. وزيراعظم چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي قابل قدر خدمتن ۽ ان جي پاڪستاني معيشت ۾ اعتماد جو مظهر آهي، تازو مثبت معاشي گراف حڪومتي پاليسين جي رخ صحيح هجڻ جو عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته زرعي شعبي ۾ پائيدار سڌارن سان ملڪي معيشت کي وڌيڪ فروغ ملندو، زرعي فنانسنگ جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو طريقيڪار اختيار ڪيو ويندو، زرعي سڌارن تي عملدرآمد جي شروعات آبادگارن کي آسان قرضن جي سهولت سان ڪئي ويندي، زرعي سڌارن جي شعبي ۾ زرعي جنسن کانسواءِ لائيو اسٽاڪ سيڪٽر جي سڌارن تي پڻ ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم زرعي شعبي جي ترقي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته زرعي سڌارن تي عملدرآمد جي شروعات آبادگارن کي آسان قرضن جي سهولت سان ڪئي ويندي، زرعي فنانسنگ جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو طريقيڪار اختيار ڪيو ويندو، زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ پڻ هنگامي بنيادن تي سڌارا ڪيا وڃن ته جيئن آبادگارن کي آسان قرضن جي فراهمي شفاف انداز ۾ يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته اڳتي پي ايس ڊي پي ۾ زرعي پراجيڪٽس کي مرڪزي حيثيت حاصل ٿيندي ۽ ترقياتي منصوبي ميڪنائيزيشن، ڊيجيٽائيزيشن، آبادگارن جي قرضن تائين آسان پهچ ۽ ڪاروبار دوست ماحول قائم ڪرڻ تي مرڪوز هجي، زرعي شعبي ۾ پائيدار سڌارن سان ملڪي معيشت کي وڌيڪ فروغ ملندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته زرعي سڌارن جي شعبي ۾ زرعي جنسن کانسواءِ لائيو اسٽاڪ سيڪٽر جي سڌارن تي پڻ ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته زرعي شعبي جي سڌارن جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي ڀرپور تعاون سان ڪم ڪنديون، زرعي شعبي ۾ سڌارن سان پيداوار ۾ خاطرخواهه اضافي ۽ پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي. وزيراعظم چيو ته زرعي جنسن جي ذخيري جي گنجائش وڌائڻ جي حوالي سان ڊگهي مدي واري ۽ گهٽ مدي واري حڪمت عملي جي لاءِ نيون تجويزون آنديون وڃن ۽ زرعي شعبي ۾ پائيدار سڌارن جي لاءِ صوبن سان تعاون سان هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي. هن چيو ته زراعت جي شعبي ۾ ترقي سان سڀ کان وڌيڪ فائدو آبادگارن ۽ ڳوٺاڻي علائقن کي ٿيندو، زراعت جو شعبو رڳو تڏهن ئي موجوده دور جي گهرجن موجب ترقي ڪري سگهي ٿو جڏهن ان شعبي جا ماهر زرعي پاليسين جي رخ جو تعين ڪرڻ ۾ اسان جو ساٿ ڏين. هن هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ ايگريڪلچرل زوننگ ۽ ويليو چين جي حڪمت عملي جي استعمال سان زرعي پيداوار جي روانگي واپار ۾ اضافو ڪيو وڃي ۽ ننڍي ملڪيتي زمينن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي زرعي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي وڃي. وزيراعظم چيو ته آبادگارن کي نئين زرعي معلومات کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ ڊيجيٽل پليٽ فارمز جو ٺوس استعمال ڪيو وڃي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي زرعي شعبي ۾ سڌارن خاص طور تي زرعي پيداوار ۾ اضافي، زرعي انفراسٽرڪچر، ڪاروبار دوست ماحول جي لاءِ آسان ۽ پائيدار قاعدا ۽ ضابطا قائم ڪرڻ ۽ آبادگارن کي آسان زرعي قرضن تائين پهچ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم کي اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نيشنل ايگريڪلچر انوويشن اينڊ گروٿ ايڪشن پلان آبادگارن جي آمدني وڌائڻ، پيداوار ۾ اضافي ۽ صحيح رخ ۾ سڌارن تي مرڪوز آهي، زرعي جنسن جا محفوظ ذخيرا قائم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، آبادگارن جي آسان قرضن تائين پهچ جي منصوبي جو افتتاح جلد ڪيو ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۾ زرعي قرضن جو آسان ۽ شفاف نظام ٺاهي آبادگارن جي مالي امداد ڪري سگهجي ٿي، زرعي جنسن جي في ايڪڙ پيداوار کي موثر انداز ۾ وڌائڻ جي لاءِ مصنوعي  ذهانت جو استعمال ڪري سگهجي ٿو، زرعي شعبي ۾ ويليو ايڊيشن ڪري برآمدات سان آبادگارن جي آمدني وڌائي ويندي ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهبو. اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ وارو وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، غذائي تحفظ وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، ماحولياتي تبديلي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، زرعي شعبي جي لاءِ وزيراعظم جو چيف ڪوآرڊينيٽر احمد عمير، زرعي شعبي سان واڳيل نجي شعبي جا ماهر ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار شريڪ هئا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے