نڪور خبرون
Home / پاڪستان / احتساب عدالت خواجه ڀائرن جي رمانڊ ۾ 6 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي

احتساب عدالت خواجه ڀائرن جي رمانڊ ۾ 6 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) احتساب عدالت اڳوڻي ريلوي واري وزير ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه سعد رفيق ۽ ان جي ڀاءُ سلمان رفيق جي جوڊيشل رمانڊ ۾ ڇهن ڏينهن جي واڌ ڪندي کين 23 سيپٽمبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.خواجه ڀائرن کي پيراگون هائوسنگ سوسائٽي اسڪينڊل ڪيس ۾ جوڊيشل رمانڊ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ احتساب عدالت ۾ جج جوادالحسن جي آڏو پيش ڪيو ويو. نيب طرفان اسپيشل پراسيڪيوٽر علي سطان ٽيپو پيش ٿيو جڏهن ته خواجه سعد رفيق طرفان ايڊووڪيٽ اشتر اوصاف علي ۽ خواجه سلمان رفيق جي طرفان ايڊووڪيٽ امجد پرويز پيش ٿيا.ان دوران نيب جي اسپيشل پراسيڪيوٽر خواجه ڀائرن جي آزادي جي درخواست تي عدالت ۾ جواب داخل ڪرايو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڪيس 64 هزارن کان وڌي ويا

ڪراچي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 44 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے