بريڪنگ نيوز

سنڌ ڪابينا ڊي ايڇ اي کي پاڻي پهچائڻ لاءِ منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ پينشن سڌارن، ڊي ايڇ اي کي پاڻي پهچائڻ لاءِ منصوبن سميت ڪيترن ئي اهم فيصلن جي منظوري ڏني وئي. وڏي وزير جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي ته ڊي ايڇ اي کي رڳو 4 کان 5 ايم جي ڊي پاڻي ملندو آهي، جڏهن ته 15 ايم جي ڊي پاڻي جي ضرورت آهي، 36 ڪلو ميٽر پائپ لائن وڇائڻ سان ڊي ايڇ اي کي 10 ايم جي ڊي پاڻي ڊملوٽي مان فراهم ٿي سگهندو. سنڌ ڪابينا ڊي ايڇ اي کي پاڻي پهچائڻ لاءِ پمپنگ اسٽيشن، فلٽريشن پلانٽ ۽ حوض ٺاهڻ جي منظوري ڏني. ان کانسواءِ سنڌ ڪابينا واٽر بورڊ کي ڊملوٽي پراجيڪيٽ لاءِ 10.56 ارب رپيا بنا وياج قرض ڏيڻ جي منظوري به ڏني. ترجمان موجب ڪابينا پينشن سڌارن جي منظوري به ڏني، پينشن سڌارن جو نوٽيفڪيشن ناڻو کاتو جاري ڪندو، ان کانسواءِ ڪابينا ليبر ڊپارٽمينٽ کي هدايت ڪئي ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان موهن جو دڙو ۽ ٽيڪسلا جهڙن تاريخي ورثن جا وارث آهيون، سي پيڪ تهذيبن کي ڳنڍڻ جو رستو آهي: عطاءُ الله تارڙ

بيجنگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے