بريڪنگ نيوز

صحافي مطيع الله جان، اسد طورسميت 27 يوٽيوبرز جا چينل بلاڪ ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد جي مقامي عدالت ايف آءِ اي جي درخواست تي 27 مشهور يوٽيوب چينلز کي بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو . جڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه يوٽيوب چينلن جي بلاڪ بابت ايف آءِ اي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت صحافي مطيع الله جان، اسد طور، اوريا مقبول جان، صديق جان سميت 27 يوٽيوب چينلن کي بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو.عدالت ٻن صفحن تي ٻڌل تحريري حڪم نامو جاري ڪندي چيو ته رياست مخالف مواد بابت ايف آءِ اي 2 جون تي جاچ شروع ڪئي هئي، ايف آءِ اي جي پيش ڪيل ثبوتن مان عدالت مطمئن آهي، قانون پٽاندڙ ڪارروائي ڪري سگهون ٿا.عدالتي حڪم ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته يوٽيوب جي انچارج آفيسر کي حڪم ڏنو ويو آهي ته ڄاڻايل 27 يوٽيوب چينلز بلاڪ ڪيا وڃن.ميڊيا رپورٽن موجب، عدالت ايف آءِ اي جي هڪ جاچ آفيسر جي درخواست تي يوٽيوب ڪمپني کي حڪم ڏنو آهي ته مطيع الله جان، اسد طور، حيدر مهدي، اوريا مقبول، آرزو ڪاظمي، صديق جان، عمران رياض خان، آفتاب اقبال، احمد نوراني سميت 27 چينلن کي بند ڪيو وڃي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے