بريڪنگ نيوز

صدر کي هٽائڻ واريون خبرون بي بنياد آهن، پ پ جي حمايت کانسواءِ حڪومت نه ٽِڪندي: نيئر بخاري

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري صدر آصف علي زرداري خلاف هلندڙ افواهن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته آصف زرداري ملڪ جو چونڊيل صدر آهي، سندس خلاف ٿيندڙ هلندڙ خبرن ۾ ڪا به سچائي نه آهي.پنهنجي بيان ۾ نيئر بخاري چيو ته جيڪي ماڻهو اهڙي قسم جا افواهه پکيڙي رهيا آهن، تن کي آئين ۽ قانون جي صحيح ڄاڻ ناهي، پيپلز پارٽي جي حمايت کانسواءِ حڪومت نٿي هلي سگهي.هن چيو ته اسيمبلي ميمبرن وٽ آئين تحت وزيراعظم يا وڏي وزير کي هٽائڻ جو اختيار موجود آهي، ڪنهن به وڏي وزير کي بي اعتمادي رٿ ذريعي هٽائڻ سان نظام غير مستحڪم ناهي ٿيندو.نيئر بخاري وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي وفاقي ڪابينا ۾ شامل نه پئي ٿئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ ڳالهين تي يقين ئي نٿي رکي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان کي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ محفوظ، پُرامن ۽ ترقي يافته ملڪ ڇڏي وڃڻو آهي: اعظم نذير

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے