بريڪنگ نيوز

عالمي برادري تي ڪشمير ۽ فلسطين جهڙا پراڻا مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ ڪردار نڀائي: خواجه آصف

بيجنگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف ايس سي او ڪانفرنس کي خطاب ۾ عالمي برادري تي ڪشمير ۽ فلسطين جهڙا پراڻا مسئلا پرامن طريقي سان حل ڪرڻ تي زور ڏنو.خواجا آصف ايران خلاف اسرائيلي جارحيت جي به مذمت ڪئي ۽ غزا ۾ پرتشدد ڪارروائين ۽ انساني بحران تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.هن چيو ته غرا ۾ فوري طور مستقل جنگبندي لاڳو ڪئي وڃي، عالمي برادري ڪشمير ۽ فلسطين جهڙن پراڻن تڪرارن جو فوري طور پرامن حل يقيني بڻائي.سندس چوڻ هو ته دهشتگردي هڪ گڏيل خطرو آهي، جنهن کي اجتماعي طور منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي، سموريون رياستون دهشتگردي خلاف گڏيل ڪوششن کي سياسي رنگ ڏيڻ کان پاسو ڪن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے